واٽس ايپ ۾ وڊيو ڪالز لاءِ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ 2023 دوران ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا.
هاڻي ميٽا جي ايپ ۾ هڪ انوکي فيچر جو اضافو ڪي ويو آهي جيڪو وڊيو ڪالز جي تجربي کي تبديل ڪري ڇڏيندو.
ڪجهه عرصو اڳ واٽس ايپ ۾ وڊيو ڪالز دوران اسڪرين شيئرنگ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو.
هاڻ واٽس ايپ ۾ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ وڊيو ڪالز دوران آڊيو شيئر ڪرڻ به ممڪن ٿي ويندو.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جي اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ بيٽا ورجن ۾ وڊيو ڪالز دوران آڊيو شيئر ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر تحت وڊيو ڪال دوران فون ۾ موجود ڪا به آڊيو فائل پلي ڪرڻ ممڪن هوندو.
ان فيچر سان واهپيدار گڏجي پسنديدهه گيت ٻڌندا، گڏ آفيس جو ڪم ڪري سگھندا ۽ ٻين به گھڻن مقصدن لاءِ ان کي استعمال ڪري سگھبو.
رپورٽ موجب جڏهن ڪو واهپيدار وڊيو ڪال دوران اسڪرين شيئرنگ ڪندو ته فون طرفان آڊيو به منتقل ڪيو ويندي،.
ان فيچر جيذريعي واٽس ايپ روايتي وڊيو ڪانفرنسگ ايپس جهڙوڪ مائڪرو سافٽ ٽيمز،گوگل ميٽ،زوم ۽ فيس ٽائيم کي ٽڪر ڏيڻ جوڳي ٿي ويندي.
گوگل ميٽ ۽ زوم جهڙين ايپس ۾ به اسڪرين شيئرنگ جو فيچر ائين ئي ڪم ڪندو آهي.
اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڪيستائين سڀ واهپيدار اهو فيچر استعمال ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.