پيسا رکڻ تي 40 سيڪڙو حڪومت ڏيندي: بي آءِ ايس پي جي نئين اسڪيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بين الاقوامي ترقياتي پارٽنرز جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان ”بي آءِ ايس پي سيونگ اسڪيم“ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل ان تقريب ۾ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، يونيسيف، جي زيڊ، جرمن ڪارپوريشن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب تقريب کي خطاب ڪندي بي آءِ ايس پي بچت اسڪيم جو تعارف ڪرايو.

ڊاڪٽر امجد ثاقب پروگرام جي بنيادي مقصد تي روشني وجهندي چيو ته بي آءِ ايس پي بچت اسڪيم جو مقصد ماڻهن ۾ مالي خودمختاري ۽ بچت جي عادت پيدا ڪرڻ آهي.

ڊاڪٽر امجد ثاقب چيو ته بي آءِ ايس پي جي بچت واري اسڪيم تحت 40 پي ايم ٽي اسڪور حاصل ڪندڙ خاندان ۽ فرد مستحق هوندا.

ڊاڪٽر امجد ثاقب چيو ته بي آءِ ايس پي بچت اسڪيم. مالياتي شموليت جي حوصلا افزائي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ان اسڪيم تحت واهپيدارن جا بچت اڪائونٽ کوليا ويندا.

بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن چيو ته مستحقن کي گهرجي ته هو پنهنجي آمدني جو هڪ حصو پنهنجي بچت اڪائونٽن ۾ محفوظ ڪن، حڪومت سندن بچت جو چاليهه سيڪڙو واڌو فراهم ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته مرد ۽ عورتون ٻئي اپلائي ڪرڻ جا اهل آهن ۽ ان اسڪيم جو مقصد 150,000 ماڻهن کي فائدو ڏيڻ آهي.

خيال رهي ته اهڙي تقريب ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد۾ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.