ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي شهر ۾ چوري جي وارداتن ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. ڪالهه به ڦورن ڊاڪٽر جي گهر ۾ ڌاڙو هڻي ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي فرار ٿي ويا. پوليس موجب گلبرگ جي علائقي ۾ گهر نمبر بي 71 بلاڪ 10 ايف بي مان 3 ڦورو 2 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جوابدارن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ واقعي کانپوءِ فرار ٿيڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون اچي ويا، گهر جي مالڪ مسرور احمد ولد مقبول احمد اڻڄاتل جوابدارن خلاف گلبرگ ٿاڻي ۾ ڪيس نمبر 534/2023 داخل ڪرايو، فريادي پنهنجي بيان ۾ چيو ته صبح جو سوير ٽي هٿياربند داخل ٿيا ۽ ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، علائقي واسين ۽ اسان جي رڙين تي هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.