ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلرائڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، چونڊن دوران اهم ڪيس کي اعليٰ عدالت ۾ هلرائڻ جون سرگرميون غير معمولي آهن، نامياري تجزئي نگار انيس منصوري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر عمران فاروق ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ٿي ويو ته ان جا ڪراچيءَ جي سياست تي اهم اثر پوندا، ڇو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جڏهن يوم شهداءِ ملهايو ته ان ۾ ٻه فوٽو اهم هئا، هڪ ڊاڪٽر عمران فاروق ۽ ٻيو عظيم طارق جو هو، هوڏانهن چيو پئي ويو ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪيون وينديون پر ايئن نظر نٿو اچي ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم لنڊن آزاد حيثيت ۾ اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪري متحدا پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ڇو ته متحدا پاڪستان جا ووٽ ورهائجي ويندا. تحريڪ لبيڪ، جماعت اسلامي، سپاهه صحابه ۽ مهاجر قومي موومينٽ جا اميدوار به ميدان ۾ لهندا. متحدا پاڪستان جا ووٽ ورهائيندا. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ آڏو ڪي به اهڙا اميدوار نه آهن، جيڪي انهن جا ووٽ ورهائي سگهن، ان ڪري اهو تاثر غلط ثابت ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي لاءِ سنڌ ۾ ڏکيائيون پيدا ڪيون وينديون، سرفراز بگٽي اسٽبلشمينٽ جو ويجهو سياستدان آهي، پيپلز پارٽي ۾ ان جي شموليت چڱن ڀلن سياستدانن جي ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏيا آهن، جڏهن ته مرتضيٰ وهاب به ڪافي سرگرم آهي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪابه ڏکيائي نظر نه ٿي اچي.