بلاول اين اي 194 لاڙڪاڻي تي چونڊ وڙهندو، فريال قومي ۽ صوبائي اميدوار

 ڪراچي(رپورٽر) قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون وڙهڻ جي خواهشمند اميدوارن پاران نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو  جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ اين اي 194 لاڙڪاڻي تان نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو.  فريال ٽالپر جي لاءِ رتيديري جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تان نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو، نامزدگي ڪاغذ 20 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا . اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سموري ملڪ ۾ پولنگ ٿيندي. اسلام آباد: 2024ع جي عام چونڊن لاءِ چونڊ عمل باضابطا طور تي شروع ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جاري ٿيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ جي آر او آفيسن ۾ پبلڪ نوٽيس لڳائي ڇڏيا آهن. سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪيا پيا وڃن، عورتن ۽ اقليتي سيٽن تي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ به ورتا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.