پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ وڌيڪ ٽن ڪيسن ۾ گرفتار

ڪراچي ( م ڊ )  پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ورتو. حليم عادل شيخ  کي فيروز آباد ٿاڻي ۾ 2022 جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملير سٽي ٿاڻي ۽ نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيسن ۾ به کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽنهي ٿاڻن جي جاچ آفيسرن کي جيل ۾ جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته حليم عادل شيخ جي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حليم عادل شيخ جي امڪاني گرفتاري ۽ ڳجهي جاچ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جتي ايف آءِ اي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي ڊائريڪٽر جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. عدالت حليم عادل شيخ کي ڪنهن به ڳجهي ايف آءِ آر ۽ جاچ ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت حليم عادل شيخ کي اجازت کانسواءِ گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.