گولاڙچي (پ ر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي، سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي ڏيو، سمنڊ ۾ ويل زمينن جو ازالو ڪيو، ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍن جي نيلامي بند ڪريو، ڪينجهر، هاليجي، ڪارونجهر، گورک تي قبضا ڪرڻ بند ڪريو، ڪارپورٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو، زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ واپارين ۽ انتظاميا جي ڪاريندن خلاف قانوني قدم کڻو جا زوردار نعرا هنيا ويا، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن محمد علي ٽالپر، هميرو مل، موسيٰ درس، غلام علي نوحاڻي، ڪريم لوهار، الهڏنو نظاماڻي، سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪزي اڳواڻ جميل ملاح دلدار نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته هڪڙي پاسي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اسان جون زمينون سمنڊ ڳهي رهيو آهي ته ٻي طرف وري زمينون عسڪري ادارن ۽ غير ملڪي سرمائيدارن حوالي ڪيون پيون وڃن، زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي.