ڪي اليڪٽرڪ بلن ۾ ڪي ايم سي چارجز وٺي سگهجن ٿا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪي اليڪٽرڪ  ذريعي ڪي ايم سي چارجز  وٺڻ واري ڪيس ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب پيش ٿيو، عدالت ۾ مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته آرٽيڪل 100جي تحت بجلي جي بل ۾ ڪي ايم سي چارجز وٺي سگهجن ٿا، اسان کي بجلي بلن ۾ چارجز وٺڻ سان تقربين 4 بلين ملي سگهن ٿا جيڪي چارجز ورتا ويا آهن اهي ڪراچي جي ترقي تي خرچ ڪنداسين، ڪي اليڪٽرڪ جي بل ۾ ٽي وي سميت ٻيا وفاقي ٽيڪس  ورتا وينداد آهن، ڪي ايم سي چارجز  به ورتا وڃن، عدالت ۾ وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وفاقي ادارو آهي صوبائي حڪومت ٽيڪس نٿي وٺي سگهي، مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي ٽيڪس نه ڏيڻ جي ڪري ملازمن کي پگهارون نه مليون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.