افغان پناهگيرن جي معاملي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ مان غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ خلاف شيما ڪرماڻي جي داخل ڪيل پٽيشن سنڌ ھاءِ ڪورٽ نه ٻڌڻ جوڳي قرار  ڏئي خارج ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان داخل ڪيل مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، شيما ڪرماڻي ۽ ٻين افغان پناهگيرن بابت درخواست داخل ڪئي هئي، عدالت چيو ته غيرقانوني افغانين کي واپس موڪلڻ رياست جي پاليسي آهي اسان ڪيئن مداخلت ڪري سگهون ٿا، وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس نه ڏنو آهي، صرف هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ معاملي کي ڏسي رهي آهي ته اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.