تڪ بنديون چئلينج ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بلوچستان جي تڪ بندين کي چئلينج ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به چونڊن  ۾ دير ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ بلوچستان جي تڪ پي پي 12 جي تڪ بندين بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وقتي چيف جسٽس درخواستگذار سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ٿورڙي آهي. ملڪ ۾ استحڪام اچي ويو آهي، ڇا توهان نٿا چاهيو ته ملڪ ۾ استحڪام اچي؟ عام چونڊن جي تاريخ اچڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.