اسلام آباد ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانه ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نيب توشا خانه ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس نيب توشا خانه ريفرنس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نيب پراسيڪيوٽر سهيل عارف توشه خانه ريفرنس جاچ آفيسرن سميت جمع ڪرايو.