حيدرآباد(رپورٽر) پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران سنڌ جي عظيم ڪردار ۽ دانشور حشو ڪيولراماڻي جي 109 سالگرهھ جي حوالي سان حيدرآباد جي مقامي ھال ۾ سياسي، ثقافتي ڪچهري واري تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ حشو ڪيولراماڻي جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. ان موقعي تي “عالمي منظر نامو، قومي سوال، سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي موجودا صورتحال” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ڪئي وئي. ان موقعي تي پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهھ چيو تھ ورھاڱي کان اڳ حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراھيم جويو جو سنڌ جي جديد سيڪيولر نيشنلزم تناظر ۾ وڏو قلمي پورھيو آھي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ حر تحريڪ ۽ 1857ع واري جنگ قبائليت واري دور جي قومي مزاحمت هئي ۽ ان کانپوءِ جديد انداز ۾ ٻي قومي مزاحمت سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري هئي. هن چيو تھ 20 هين صدي ۾ قومي تحريڪن جون لائينون مختلف آهن، اڄ جي حالتن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ڪهڙي پاسي ٿي بيهي اھو ھڪ وڏو سوال آھي، ڇو تھ اڄ جي دور ۾ پيپلزپارٽي، ملو ۽ وڏيرو بھ سنڌ ڪارڊ کيڏي ٿو. هن چيو تھ 70ع واري ڏهاڪي کانپوءِ سنڌ جي قومي تحريڪ پچي راس ٿي، اڄ جي حالتن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪن جي خطي جي صورتحال کي ڏسندي مستقبل جي لاءِ رستو طئھ ڪرڻو پوندو. ھن چيو تھ سنڌ کي ڦرڻ ۽ لٽڻ جي لاءِ ڪو بھ موقعو ھٿ مان وڃڻ نٿو ڏنو وڃي، زمينن تي والار ھجي يا وسيلن تي قبضو سنڌ کي ڪنھن نھ ڪنھن صورت ۾ سرمائيداري جي پنجوڙ ۾ ڦاسايو ويو آھي. ھن چيو تھ سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، پر سنڌ جي يونيورسٽين اندر ۾ شاگرد ثقافتي ڏينهن نٿا ملھائي سگھن، ثقافتي ڏينھن ملھائڻ تي شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، سنڌ جي سمورين سياسي جماعتن کي ڊائلاگ ڪري گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر رياض چانڊيو چيو تھ دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي مظلوم قومن جي فڪري اوسر جي ڪري دنيا جون وڏيون ايمپائر ( شهنشاهيتون) شڪست کائي ڀڳيون. هن چيو تھ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ موھن ڪلپنا جو وڏو ڪردار رھيو آهي، ھي اھي ماڻھو ھئا جن جلاوطني باوجود کين سنڌ کان جدا ڪرڻ واري سازشن جو مقابلو ڪيو ۽ ھندستان ۾ رھندي بھ ھو پنھنجي وطن سان بيٺا رھيا، موھن ڪلپنا تھ اھو چيو ھو تھ آئون ھندستان جي جھنڊي کي ان ڪري بھ سلام نٿو ڪري سگھان ڇو تھ اھو منھنجي وطن جو جھنڊو ناھي. ھن چيو تھ سنڌ جي قومي تحريڪ انھن ڪردارن کي ڪڏھن بھ وساري نٿي سگھي، مهاراجا ڏاهر ۽ لطيف واري سنڌ جي ڳالھھ سائين جي ايم سيد ڪئي. هن چيو تھ پاڪستان جي پارليامينٽ غير موثر ان ڪري آھي تھ اھا پارليامينٽ قومن جي نمائندگي نٿي ڪري، ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ سدائين روڊن تي جدوجهد ڪري قومن جي نمائندگي نھ ڪندڙ پارليامينٽ جي فيصلن کي رد ڪندي کين پوئتي هٽڻ ۽ پنھنجا فيصلا واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو آھي. جعلي آدمشماري جي ذريعي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان غير موثر پارليامينٽ ۾ بھ سنڌ جون سيٽون گھٽايون ويون آھن.ھاڻ وري زرعي انقلاب ۽ معيشيت جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڦٻائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو چيو تھ حشو ڪيولراماڻي ايڏو وڏو ماڻهو ھو جنهن جي وڏائي بابت خود سائين جي ايم سيد چيو هو تھ حشو منهنجو استاد آهي، حشو ڪيولراماڻي جڏهن لنڊن مان موٽي آيو ۽ سائين جي ايم سيد جي هن سان ملاقات ٿئي ٿي تھ هو هڪٻئي جي خيالن کان چڱي طرح واقف ٿين ٿا. هن چيو تھ سوويت يونين کي ڊاهڻ جي لاءِ سامراج مذهبي تحريڪون هلايون، سوويت يونين جي هجڻ جي ڪري قومن جي وطنن تي ائين هلان ۽ قبضو نھ پئي ٿي سگهيو جيئن سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ ٿيو آهي. هن چيو تھ هندستان قومي آزادين جو وڏو حمايتي هو پر پوءِ هندستان پنهنجي ان موقف کان بنھھ مختلف موقف ۽ رويو اختيار ڪري ويٺل آهي. هن چيو تھ پاڪستان سوويت يونين کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان کانپوءِ جيڪو ڪجھھ پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ پيو آھي اھو سڀني جي سامھون آھي. سنڌ جي قومي تحريڪ جي مستقبل کي ڏسڻ کان اڳ ان جي ماضيءَ کي ڏسڻ گهرجي، قومي تحريڪ جي لاءِ ضروري آهي تھ اها جاگيردار، سامراج دشمن ۽ سيڪيولر هجڻ گهرجي، اڳ سياست نظرياتي بنيادن تي ٿيندي هئي. ھن چيو تھ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ثقافت کي نروار ڪرڻ جي لاءِ سنڌي ڪلچر جهڙو ڪتاب لکي سنڌ جي ثقافت کي متعارف ڪيو، ڇو تھ ڪلچر سياسي جدوجهد کي طاقت ڏئي ٿو، پر ان ڪلچر کي بھ سياست ئي بچائي سگهي ٿي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو تھ هر اهو سوال جيڪو قومن جي خودمختياري کي نقصان پهچائي يا کسي ان کي قومي سوال چيو ويندو آهي، هن وقت سنڌ کي خودمختياري حاصل ناهي، هن ملڪ کي قومن جو قيد خانو بڻايو ويو آهي. هن چيو تھ قومي سوال جي حوالي سان سنڌ جو مستقبل روشن آهي، سنڌ مسلسل پنهنجي وجود جي لاءِ ويڙهھ وڙهندي آئي آهي ۽ اڳتي بھ وڙهندي رهندي، پاڪستان اندر سنڌ ئي آھي جيڪا پنھنجي قومي حقن جي لاءِ وڙهندي پئي اچي ۽ شڪست قبول ناهي ڪئي. هن چيو تھ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون کسڻ جي لاءِ وري زرعي انقلاب جون ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، عالمي سرمائيداري پنجوڙ ۽ سازشن کي اسان جاگيرداري، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ ڀوڳيون پيا. ھن چيو تھ ڌارين جي آبادڪاري، آدمشماري، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ زمين تي قبضا سنڌ لاءِ وڏو مسئلو آهن. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو تھ جيئرا ماڻهو ۽ قومون پنهنجن وڏن ماڻهن ۽ ڪردارن کي ياد ڪنديون آهن، ان ڪري حشوءَ کي ياد ڪرڻ سٺو عمل آهي. 21 هين صدي ۾ قومي تحريڪن لاءِ حالتون ائين سازگار ناهن جيئن 20 هين صديء ۾ هيون. هن چيو تھ اڄ جي دور ۾ پوسٽ ماڊرنٽي قومي تحريڪن لاءِ انتهائي وڏو سوال آهي، پوسٽ ماڊرنٽي هر قسم جي اجتماعيت کي کائي وئي آهي. قومي تحريڪن ۾ رڳو قومپرست تحريڪون بھ ناھن ھونديون پر ان ۾ مارڪسسٽ تحريڪون بھ شامل آهن، جيڪي قومي آزادين ۾ يقين رکن ٿيون. سنڌ ۾ وچولي طبقي جو ٻار سنڌي پڙهي ۽ ڳالهائي نٿو سگهي، ان ڪري سنڌي ٻولي بھ خطري ۾ آهي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري چيو ته طبقاتي جدوجهد ڪندڙ ڪجهه دوستن اهو سوچيو تھ سنڌ ۾ طبقاتي ۽ قومي جدوجهد کي گڏائجي، ڇو تھ ڪو بھ مارڪسي قومن جي آجپي جي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کان انڪار نٿو ڪري سگهي،. ڪامريڊ حسيب، ڪامريڊ سلمان جکري، ڪامريڊ احسن قاضي ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪيا، جڏھن تھ صفي ستار رقص ڪيو ۽ سيف سميجو، وقار ملاح ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي، تقريب اندر وڏي انگ ۾ نوجوانن توڙي عورتن شرڪت ڪئي.