چيف اليڪشن ڪمشنر ڪا نئين سيٽ پيدا ناهي ڪئي: ترجمان

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان بار ڪائونسل جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.  ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي  ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي ضلعي ۾ ڪا به نئين سيٽ پيدا نه ڪئي وئي آهي .چيف اليڪشن ڪمشنر جو اباڻو تڪ اين اي 82 سرگوڌا ضلعي ۾ آهي، سرگوڌا ضلعي ۾ ڪا به نئين سيٽ پيدا نه ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي ذاتي خواهش تي ڪنهن به مخصوص شخصيت لاءِ اضافي سيٽ ٺاهڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي به دٻاءَ يا بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.