اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) احد چيما کي صلاحڪار جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ڊويزن احد چيما کي صلاحڪار جي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. اليڪشن ڪميشن موجب فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواستگذار جي استدعا درست آهي، احد چيما گذريل حڪومت جو حصو هو. احد چيما اڃا به اليڪشن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.