ميهڙ(رپورٽ: فراز چنا) خيرپورناٿن شاهه لڳ هڪ مرد ۽ عورت ٻارڙي سميت مبينه اغوا ٿي ويا. ڳوٺ ڪور حسن مان نابين راجا ۽ عورت روزينا زال غفار چانڊيو ۽ سندس پٽ جي اغوا خلاف زينب چانڊيو، نابين پٽ ضمير ۽ معصوم ٻارن سميت دادو پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ منٺار، ظفر ۽ عمر چانڊيو وارا نابين راجا، مسمات روزينا کي معصوم پٽ سميت اغوا ڪري کڻي ويا آهن، اسان جي گهرن تي حملا ڪري 230 ، رڍون، 230 ، ٻڪريون، ڳائو ۽ ماهيو مال ڪاهي ويا آهن، اسان جي کاتي چڙهيل هڪ هزار ايڪڙ زرعي زمين آهي، ان تي به قبضو ڪري فصل کڻي ويا آهن، اسان اهڙو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪي اين شاھ ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي دادو آڏو شڪايت ڪئي پر پوليس مخالفن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، هنن چيو ته منٺار، ظفر چانڊيو وارن تي 10 / 10 ڪيس داخل آهن ۽ هو پوليس رڪارڊ ۾ اشتهاري ڏوهاري آهن، اسان زميندار آهيون پر اسان جي ڪروڙين رپين جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، اسان گهر ڇڏي زندگيون بچائڻ لاءِ در بدر آهيون، اسان کي به قتل ڪيو ويندو، هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن اغوا ڪيل راجا، روزينا ۽ معصوم ٻار کي آزاد ڪرائي ملڪيتن تي ڪيل قبضا ختم ڪرائي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.