عالمي نظام تي اثر وجھندڙ ايندڙ سال جون 5 چونڊون

ڇا ڊونالڊ ٽرمپ جي واپسي ٿي سگهي ٿو؟ ڇا روس ۾ ڪو به ماڻهو ولاديمير پيوٽن کي چئلينج ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ھندوستان ۾ ھندو قومپرست جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي ھڪ ڀيرو ٻيهر اڪثريت حاصل ڪري سگهندي؟

سال 2024  لڳ ڀڳ اڌ  دنيا ۾ چونڊون ٿينديون ۽ اٽڪل 30 ملڪ پنهنجن صدرن جي  چونڊ ڪندا،پر انھن ۾ ھي  پنج  چونڊون  وڌيڪ اھم ھونديون. ايندڙ سال 5 نومبر تي لکين آمريڪي شهري پنهنجو صدر چونڊيندا ۽ جيڪڏهن جوبائيڊن ٻيهر صدارتي منصب تي فائز ٿي وڃي ٿو تھ هوءَ 86 سالن جي عمر تائين آمريڪا تي حڪومت ڪري سگهي ٿو.اڪثر ووٽرن جي راءِ آھي ته ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ملڪ جي قيادت ڪرڻ لاءِ وڏي عمر جو ٿي ويو آھي.ٻئي پاسي سندس حريف 77 سالن جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي باري م بھ ساڳيا ئي خيال موجود آھن.

لڳي ائين ٿو ته غلط معلومات ۽ غلط پروپيگنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي مهم جي خصوصيت ھوندي، جيڪو گذريل چونڊن دوران پڻ ڏٺو ويو هو ۽  نتيجي ۾ ٽرمپ جي حامين آمريڪي پارليامينٽ تي ڪاھ ڪري ڏني ھئي ۽ بائيڊن جي فتح جي تصديق کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. جيتوڻيڪ ٽرمپ تي ڪيترا ئي فوجداري ڪيسن ھلن پيا، ان باوجود  ريپبلڪن پارٽي نامزدگي جي مقابلي ۾ واضح پسند ڪيو پيو وڃي.

بائڊن جي مهم کي هڪ ٻيو ڌڪ لڳو ان وقت لڳو جڏهن ريپبلڪن جي اڳواڻي واري ايوان نمائندگان ڊسمبر ۾ باضابطه مواخذي جي انڪوائري شروع ڪرڻ جي لاءِ ووٽ وڌا. اپوزيشن جو الزام آهي ته بائڊن جي پٽ غير ملڪي ڪاروباري معاهدن ۾ ان وقت ناجائز فائدو ورتو جڏهن هو بارڪ اوباما جي ماتحت نائب صدر هو.

يوڪرين جي جنگ ۾ پنهنجي فوجن جي ڪاميابي لاءِ حوصلو ڏياريندڙ گھڻو پراعتماد روسي صدر پيوٽن کي اميد آھي تھ ھوءَ  مارچ جي چونڊن ۾ پنهنجي 24 سالن جي حڪمراني کي وڌيڪ ڇهن سالن تائين وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

ھن 10 ڊسمبر تي اعلان ڪيو ھو تھ ھو پنجين مدت جي لاءِ چونڊون وڙھندو. اھڙي ريت ھو 2030 تائين اقتدار ۾ رھي سگھي ٿو.2020 ۾ هن آئين ۾ ترميم ڪئي، جنهن ۾ کيس نظرثاني طور تي  هن کي 2036 تائين اقتدار ۾ رهڻ جي اجازت ملي وئي آھي. اهڙيءَ طرح هو جوزف اسٽالن کان به وڌيڪ وقت تائين حڪومت ڪري سگهي ٿو.پيوٽن يوڪرين جي جنگ دوران پنهنجي مخالفن کي قيد ڪرڻ يا خاموش ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو آهي، تنهن ڪري هن جي رستي ۾ رڪاوٽ جو ڪو بھ امڪان نظر نٿو اچي. سندس وڏو مخالف اليڪسي ناوالني 19 سالن جي جيل جي سزا  ڪٽي رھيو آھي.

اپريل ۽ مئي ۾  اٽڪل هڪ ارب هندستاني ووٽر  عام چونڊن ۾ ووٽ وجھندا. دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي واري ملڪ ۾ ھن ڀيري وزيراعظم نريندر مودي ۽ سندس هندو قومپرست ڀارتيه جنتا پارٽي اقتدار ۾ ٽين مدت جي ارادي سان چونڊن ۾ ميدان ۾ لھندا. مودي جو سياسي ڪيريئر ۽ ڪاميابي هندستان جي هڪ ارب کان وڌيڪ هندن جي حمايت تي ٻڌل آهي. جڏهن ته نقادن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي وڏي مسلم اقليت خلاف دشمني کي ھوا ڏني وئي آهي.شهري آزادين جي ڀڃڪڙي جي باوجود مودي اڪثريت ووٽرن جو پسنديده آهي. سندس حامين جو خيال آهي ته مودي جي ڪري عالمي سطح تي ڀارت جو وقار ۽ حيثيت وڌي وئي آهي.

يورپي پارليامينٽ لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي پولنگ جون ۾ ٿيندي، جنهن ۾ 40 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اهو ووٽ ساڄي ڌر جي مقبوليت جو امتحان هوندو. جيڪو اسلام مخالف عظيم وائلڊرز ل، نومبر جي ڊچ اليڪشن ۾ مخالف يورپي يونين مخالف پي وي وي فريڊم پارٽي جي فتح ۽ گذريل سال اٽليءَ جي ساڄي ڌر جي  پارٽي برادرز آف اٽلي  جي جارجيا ميلوني جي فتح سان سرشار آھي. برسلز کي بھرحال ٿوري رعايت پولينڊ کان ملي سگهي ٿي، جتي اڳوڻو يورپي ڪائونسل جي صدر ڊونالڊ ٽسڪ يورپي يونين جي حامي پليٽ فارم تي اقتدار ۾ واپس آيو آهي.

ميڪسيڪو جي راڄڌاني جي هڪ اڳوڻي ميئر ۽ هڪ مقامي ڪاروباري عورت ۾ جون ۾ مقابلو ٿيندو. ٻئي ملڪ جي پهرين عورت صدر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن. ميڪسيڪو ۾ انھن مان ڪير ملڪ جي صدارت تي فائز ٿيندي ۽ نئين تاريخ ٺاهيندي ؟ ميڪسيڪو سٽي جي اڳوڻي ميئر ڪلاوڊيا شين باوم ويندڙ صدرآنڊريس مينوئل لوپز اوبراڊور جي، مورينا پارٽي پاران اميدوار آهي.هن جو مکيه حريف زوچيٽل گالويز هن صدارتي چونڊن ۾ اپوزيشن اتحاد براڊ فرنٽ ميڪسيڪو جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.