.ڪنهن چيو ته آصف علي زرداري کي سمجهڻ لاءِ سياست ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري آھي!! وري ڪٿي ڪنهن چيو ته آصف زرداري سڀ تي ڀاري. اهڙي طرح سان آصف علي زرداري تي سندس مخالفن جا طرحين طرحين جا الزام ته ههڙو آھي ۽ هيڏو وڏو ڪرپٽ آھي وغيره. ڪن کان رهيو ڪونه ڪنهن زماني ۾ مسٽر هنڊريڊ اينڊ ٽين پرسينٽ جو لقبن سان پئي ميڊيا وار ڪئي.!! ان کان علاوه ڪن اهي به الزام هنيا تو ته سنڌ وڪي زرداري،تو سنڌ کپائي زرداري وغيره وغيره.
هاڻي ڳالھه اچي ٿي اتي ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مجموعي طور انهن مٿين الزام تراشين کان ويندي سياسي بغض ۽ سياسي عناد جي بنياد تي جيڪي به ڳالهوين زرداري مخالفت ۾ ڪيون ويون انهن مٿين الزام تراشي ڪندڙ ڌريون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان آصف علي زرداريءَ جا ساٿاري رهيا آھن مصلحتن ،اتحادي بنيادن،سياست ۽ اقتدار جي بنياد تي يا ڪجھه ٻين سبب جي ڪري ڪجھه سڌي ۽ ڪجھه اڻ سڌي لحاظ کان فيض به وٺندا رهيا ۽ ڪجھه خاموشيون ۽ اڻ سڌي طرح به.
هوڏانهن ميان نوازشريف جهڙا پ پ پ پ مخالف جيڪي قسمين قسمين الزام تراشيون ڪندڙ ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي گذريل ڏينهن بيان موجب ته نوازشريف جو حڪومتي دور پ پ پ ڪارڪنن لاءِ ڪنهن آمريت کان گهٽ نه هو !!! واري صورتحال رهي آھي آصف علي زرداري جي شخصيت سان ۽ سندس سياست سان.!!اهي به هڪ وقت آيو مجبور ٿيا ن ليگ وارا ۽ شهباز حڪومت ٺھي ئي آصف علي زرداري جي جوڙ توڙ سان.!! ان سموري صورتحال ۾ اڄ به ور جڏهن نواز ليگ سنڌ ۾ نوان گهوڙا ڊوڙائي پيپلز پارٽي مخالفت گهٽ پر بغض آصف زرداري ۾ سنڌ ۾ لاٿا آھن ۽ هو سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي خواب پويان آھن تن وٽ سواءِ حڪومت ۾ اچڻ جي عوامي رليف جي ڪا ايجنڊا نظر ڪونه پئي اچي سواءِ ان جي ته اسان حڪومت ٺاهينداسين وغيره.!!
سنڌ ۾ هن وقت به نوازليگ کي تنظيمي ڪم ڪرڻ لاءِ فقط بشير ميمڻ ۽ کيئل داس ڪوهستاني ئي آھن جي جي خود سيٽ تي بيهڻ وڏو مسئلو آھي ۽ پ پ پ پ مخالف ۽ بغض آصف زرداري ۾ رسا ڇنايون وڃن ٿا سنڌ گهمندا.!! اهڙي نموني عمران خان کان ويندي جاويد هاشمي جهڙي سياسي ڏاهي جو چوڻ آھي ته آصف زرداريءَ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي پڻ ضرورت آھي !!!
آصف زرداري جي اجائي چاپلوسي ڪرڻ کان بچڻ ۽ سمجهڻ جي باوجود مان بحيثيت هڪ قلمڪار سمجهان ٿو ته سنڌ ته ڇا پر وري ملڪي سياست جي موجوده صورتحال ۾ آصف علي زرداريءَ ج سياسي حڪمت عملي انتهائي بهتر پڻ آھي بنسبت ٻين سياستدانن جي… سنڌ مان اهي ماڻھو جن وٽ هن وقت به وڏي سياسي عوامي قوت آھي پر انهن جي خاموشي انتهائي سمجھه کان ٻاهر آھي يا هو وري ڪنڀر جي آسري تي ته دلو ٺاهي ته اونهاري جو ٿڌو پاڻي پيئون جي ڪنڀر ئي ان وقت نتيجو ابتڙ ڪڍي ته پوءِ ۔۔۔!؟؟ سو ڪم ڪرڻ وارو هميشھ ڀاري هوندو آھي ۽ آصف علي زرداري جنهن جي تربيت ۾ محترما بينظير ڀٽو صاحبه جو ڪيترو حصو آھي مونکي خبر ناهي پر مان اها ڳالھه وڏي دعوي سان ڪندس ته آصف علي زرداري جي سياسي حڪمتي عملي ۽ سياسي چال چلت مان لڳي ٿو ته سندس والد گرامي حاڪم علي خان جي تربيت اثر آھي۔
خير هن وقت گذريل ڏينهن ميان نواز شريف چوي ٿو ته ڪم ”اسان ڪيون ۽ ووٽ ڪنهن ٻئي کي ملي، ڪراچي ۽ چترال وارا ٻڌائن اها ناانصافي نه آھي“.!! اهڙي طرح سان آصف زرداري چوي ٿو ته ويڙھ سان ڪنهن کي ڪجھه نه ملندو ، عوام ساٿ ڏئي ته مان سڀني کي سنڀالي وٺندس.
اهي مٿيون ڳالهين هن اليڪشن ماحول ۾ هر ڪنهن جون پنهنجي پنهنجي انداز ۾ آھن پر ان باوجود آصف زرداري چوي ٿو ته ويڙھ سان ڪنهن کي ڪجھه نه ملندو اهو سڀني مخالف ۽ حامي سياسي ڌرين ڏانهن ۽ اسان جي سلامتيءَ واري ادارن ڏانهن هڪ سٺو پيغام آھي.
ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ مٿين، هڪ ٿي اڳتي وڌڻ ۽ جهيڙو نه ڪرڻ واري آصف زرداريءَ جي ڳالھه انتهائي سنجدگيءَ ۽ غور طلب پڻ آھي جي نه ته جيڪا بلوچستان جي صورتحال کان ويندي سنڌ جي ادارتي ۽عوامي اهنجن جي صورتحال آھي سان ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي!!؟ آصف علي زرداري جون ڳالهيون ۽ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي جيڪا به آھي سان لازمي آھي سنڌ ۽ خاص طور ملڪ جي سياسي ماحول جي ڳوري اڀياس تي هوندي جنهن لاءِ هن سرفراز بگٽيءَ کي پارٽيءَ ۾ ڀليڪار ڪندي چيو آھي جهيڙا يا اختلاف قومن جي مسئلن جو حل ناهن هوندا۔
انهن ڳالهين جي بنياد تي آصف علي زرداريءَ کي پنهنجي پارٽيءَ جي پنڌرنهن سالا ڪارڪردگي کي سامهون رکي عوامي ڀلائيءَ ۽ ادارن جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ کپي.؟؟ سندس سامهون ڪوبه سياسي مقابلي باز ڪونه ايندو ۽ ايندو ته ان کي آصف علي زرداريءَ جهڙو سياسي دل گردو کپندو جيڪو هر ڪنهن وٽ ناهي. ان ڪري چئجي ٿو ته آصف زرداري سڀ تي ڀاري.