پارليامينٽ جي مفاد ۾ چونڊ نتيجن کي قبولڻ واري روايت پيدا ڪرڻ گهرجي

تحرير: زرار پيرزادو

¨ جيڪي سياسي ۽ اقتداري جماعتون پارلياماني سياست جون قائل آهن تن کي پارليامينٽ جي بقا لاءِ جيڪو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي سو حيرت انگيز طور تي نه پيو ڪيو وڃي.

¨ جيڪي سياسي ۽ مذهبي جماعتون جمهوري نظام تي ويساهه رکن ٿيون ۽ سياست ڪن ٿيون تن کي پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جيڪو اصولي ڪم ڪرڻ گهرجي سو نٿو ڪيو وڃي.

¨ موجوده جمهوري سياست ۾ اصل مقابلو آمريتي ۽ جمهوري طاقت جي وچ ۾ رهيو آهي پر جمهوري طاقتن گڏيل طور آمريتي طاقتن سان مقابلو ڪرڻ بدران هڪٻئي سان يعني پارلياماني ڌرين سان ئي مقابلو پئي ڪيو آهي.

¨ جڏهن ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جمهوري ۽ پارلياماني ڌرين کي اصولي طور تي متحد ٿي غير جمهوري طاقتن سان مقابلو ڪرڻ گهرجي پر انهن ڌرين پنهنجي اقتدار جي مفاد ۾ پارليامينٽ جي روح کي ڇيهو پئي رسايو آهي.

¨ اڄ جي  ئي سياسي حالتن کي ڏسو ته سياسي جماعتون بجاءِ ان جي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي عمل جي آجيان ڪن اهي ان ۾ رنڊڪون وجهڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

¨ مثال طور پي ٽي آءِ پنهنجي پارٽي مفادن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوندون ملتوي ڪرڻ جي پٽيشن داخل ڪئي، پ پ شروع کان الزام هڻي رهي آهي ته مسلم ليگ(ن) کي ايندڙ حڪومت ڏيڻ جو منصوبو جڙي چڪو آهي، ايئن پ پ ۾ هاڻي جيڪڏهن سرفراز بگٽي جهڙيون بااثر شخصيتون شامل ٿي رهيون آهن ته ان کي به طعنو ڏئي رهيا آهن ته اوهان کي به هاڻي پلينگ ليول فيلڊ ملي رهي آهي.

¨ مطلب ته هاڻي چونڊن ۾ جيڪا به سياسي جماعت کٽندي تنهن تي سليڪشن جو ۽ ڌانڌلي جو الزام لڳندو. جيڪڏهن چونڊن جي نتيجن کي ڪنهن به صورت ۾ ناهي قبولڻو ته ان جو فائدو غير جمهوري طاقتن کي ئي ٿيندو.

¨ پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت ته پارليامينٽ جي مخالف جماعتن جي مئنڊيٽ کي ئي قبول نه ڪندي هئي ۽ اپوزيشن جي سياستدانن سان تڏهوڪو وزيراعظم عمران خان هٿ ملائڻ به پسند نه ڪندو هو.

¨ ان کان اڳ نوي جي ڏهاڪي ۾ مسلم ليگ، پ پ جي  ۽ پ پ ، مسلم ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيندي رهي جنهن سان پارليامينٽ ڪمزور کان ڪمزور ٿيندي وئي.

¨ اها ڳالهه سمجهڻ جي آهي ته پارليامينٽ ۾ جيڪڏهن اپوزيشن نه هوندي ته اهو خود وڏو پارلياماني بحران هوندو آهي تنهن ڪري اپوزيشن کي قبولڻ جي وڏي جمهوري سوچ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ايڏانهن  سواءِ آصف زرداري جي ڪنهن جو به ڌيان ناهي.

¨ پارليامينٽ جي انهن تلخ تجربن جي روشني ۾ محترمه بينطير ڀٽو، جنرل مشرف جي آمريتي دور ۾ پنهنجي سڀ کان وڏي حريف نواز شري سان ”ميثاق جمهوريت“ ڪيو جيڪو مضبوط پارليامينٽ ڏانهن پهريون وڏو ۽ عملي طور هاڪاري قدم هو جنهن جو مقصد هو ته، اڳتي چونڊن جي نتيجن کي قبول ڪيو ويندو ۽ حڪومتن کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو.پر بينظير ڀٽو جي شهادت ڪري ان ميثاق جمهوري تي انجي روح پٽاندڙ عمل نه ٿي سگهيو.

¨ اسان جو خيال آهي ته پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ هاڻي سڀني پارلياماني جماعتن کي صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻو پوندو، هڪٻئي کي پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ قبولڻو پوندو ۽ اقتدار ۾ ايندڙ جماعت کي پارليامينٽ اندر به اپوزيشن جي جماعتن سان اتحاد ڪرڻو پوندو.

¨ پر اسان جي سياسي جماعتن جو اهو غير جمهوري رويو هوندو آهي ته رڳو کٽڻ جي صورت ۾ چونڊن کي قبولبو، اقتدار نه مليو ته ڇا جو ملڪ، ڇا جا صوبا، ڇا جي جمهوريت ۽ ڇاجي پارليامينٽ؟!

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان غير جمهوري رويي ئي ملڪ اندر پارلياماني ۽ جمهوري نظام کي ڪمزور کان ڪمزور ۽ آمريت کي مضبوط کان مضبوط پئي ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.