ڀٽي جي ڦاھي کي ”عدالتي قتل “ ڇو ٿو قرار ڏنو وڃي؟

تحرير: وقار مصطفيٰ

”مون چيو ذوالفقار علي ڀٽو ولد شاھنواز ڀٽو،رھندڙ المرتضيٰ،لاڙڪاڻو“ ڪي جناب ( ڇا جناب) ؟ حيرت مان اھو چوندي (لاھور) جي اڇرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر عبدالحئي جي ھٿ مان قلم ڪري پيو“ سن 1974 ۾ 01 ۽ 11 نومبر جي رات جي آخري پھر ٿيندڙ ان مڪالمي جي راوي ۽ تڏھوڪي قومي اسيمبلي جي رڪن ۽ تحريڪ استقلال جي سيڪريٽري اطلاعات احمد رضا قصوري، ھن جي والدھ ۽ ماسي ڪجهھ ڪلاڪ اڳ ۾ ٿيل ان حملي ۾ بچي ويا ھئا.جنھن ۾ سندس والد شديد زخمي ٿي ويو ھو.جڏھن ھن کان پڇيو ويو تھ کيس ڪنھن تي شڪ آھي تھ ھن ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو کنيو.گذريل سال يوٽيوب چينل ٽي سي ايم،کي انٽرويو ۾ احمد رضا قصوري ٻڌايو تھ ھو اڃان پوليس کان اھو ئي لکرائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو تھ لاھور جي يونائيٽيد ڪرسچين اسپتال جي سرجن افسوس جو اظھار ڪندي ھن کي ٻڌايو تھ ھن جو والد نواب محمد احمد خان ھاڻي ھن  دنيا ۾ ناھي رھيو.احمد رضا قصوري ان حملي جو ھدف خود کي قرار ڏيندي پوليس جي سامھون پنھنجي بيان ۾ الزام ذوالفقار علي ڀٽو تي ھنيو ھو.

لاھور جي ٿاڻيدار جي ھٿ مان قلم ڪرڻ جو سبب بھ اھو ئي ھو تھ ھو ان وقت وزيراعظم ھو.بھرحال احمد رضا قصوري جي مطابق ھن فرد بيان جي ذريعي ڀٽو کي پنھنجي والد جي قتل ۾ نامزد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ٿي.ان وقت جي پنجاب جي سربراھ عبدالرشيد جي مطابق احمد رضا قصوري پاران ايف آءِ آر ۾ ڀٽو جو نالو شامل ڪرڻ جو مطالبو ھن تسليم ڪيو. ھن جي مطابق “جيڪڏھن اھا سازش ھجي ھا ۽ڀٽي ڪئي ھجي ھا تھ ڇا احمد رضا قصوري کي چئي ھا جيڪا چاھيو ايف آءِ آر ڪري ڇڏيو“

سن 1966 ۾ جڏھن ڀٽو ڪابينا مان مستعفي ٿي ڪري ٽرين ۾ لاڙڪاڻي ويندي لاھور آيو تھ ھن جي استقبال ڪندڙن ۾ قصوري نمايان ھو.قصوري چئي ٿو تھ لاھور ريلوي اسٽيشن تي ئي ڀٽو جي سيلون ۾ ھن سان ملاقات ٿي ھئي ۽ دوستي جي شروعات ٿي وئي.پوءِ ڀٽي کي قصور اچڻ جي دعوت ڏني وئي،احمد رضا قصوري جو چوڻ آھي تھ ” پھرين مان ھن کي بلھي شاھ جي مزار تي وٺي ويس جتي دستاربندي ٿي. حويلي ڏانھن واپسي دوران مون ڀٽي کان پڇيو تھ ڇا ھو ان بزرگ جي باري ۾ ڄاڻي ٿو جنھن جي مزار تي کيس وٺي ويو ھوس” .ڀٽي صاحب جواب ڏنو بنھھ گھٽ“.مون چيو تھ ھي پنجاب جو تمام وڏو انقلابي ھو .ٽي سئو سال ھن اسٽيٽس کي ٽوڙيو، ھن جوڪلام گھڻو پاورفل آھي.ھن ھڪ نعرو بلند ڪيو ھو تھ منگ اوي بنديا اللھ ڪولون، جلي،گلي،ڪلي“ ” ڀٽي پڇيو تھ ان جو ڇا مطلب آھي ؟ “   ”مون چيو تھ جلي آھي ڪپڙو،گلي روٽي آھي ۽ ڪلي مڪان“ ، ڀٽي چيو تھ ڇو نھ اسان ان کي پنھنجي منشور جو حصو بڻائي وٺون“. اھڙي ريت اھو نعرو قصور مان ورتو ويو”حضرت بابا بلھي شاھ کان اٽو ،لٽو ۽اجھو “ پوءِ پيپلزپارٽي جي جي باقاعدھ قيام کان ٽي ڏينھن اڳ ڀٽي سندس ئي گھر تي اھو اعلان ڪيو تھ ڀٽو ائين ڪرڻ وڃي رھيو آھي ڊسمبر1970 ۾ احمد رضا قصوري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قصور مان قومي اسيمبلي جو رڪن چونڊيو ويو.

پر چونڊن جي ڪجهھ عرصي بعد پارٽي جي چيئرمين سان ھن جي اختلافن جي شروعات ڀٽي جي ان اعلان سان ٿي تھ ھو ٽي مارچ 1971 تي ڊاڪا ۾ گھرايل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نھ ڪندو نھ ئي ڪنھن ٻئي اسيمبلي جي ميمبر ائين ڪرڻ ڏيندو.ڪجهھ اخبارن لکيو تھ ائين ڪندڙن جو ڄنگهون ڀڃيون ڇڏينداسين.احمد رضا قصوري اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڍاڪا پھچي ويو پر اجلاس منعقد نھ ٿيو. اتان کان ڀٽي ۽ قصوري جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌڻ لڳيون.

عقيل عباس جعفري جي تحقيق آھي تھ قصوري واپس آيو تھ ڀٽي پارٽي پاليسي سان اختلاف ڪرڻ تي قصوري کان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعفيٰ طلب ڪئي، پر قصوري انڪار ڪري ڇڏيو. سندس دعويٰ ھئي تھ ھن اھا سيٽ پيپلزپارٽي جي ڪري نھ پر پنھنجي مقبوليت جي بنياد تي کٽي آھي.ڀٽي معراج خالد، حنيف رامي ۽ يعقوب خان جي الزامن جي روشني ۾ احمد رضا قصوري جي پارٽي رڪنيت معل ڪري ڇڏي.اڳئين ڏينھن قصوري لاھور ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڀٽي کي پيپلزپارٽي جي چيئرمن شپ تان برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.”6 جون 1971 تي پيپلزپارٽي جي مجلس عاملھ قصوري کي باضابطھ طور تي پارٽي جي رڪنيت مان خارج ڪري ڇڏيو،ائين ڀٽي ۽ قصوري وچ ۾ وڇوٽي وڌيڪ گھري ٿي وئي“.

“1972 ۾ جڏھن قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو تھ احمد رضا قصوري پ پ پ جي حوالي سان کٽيل سيٽ ڇڏڻ کانسواءِ تحريڪ استقلال ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.1973 جو آئين منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ٿيو تھ قصوري انھن ٽن شخصن ۾ شامل ھو جن ان تي دستخط نھ ڪيو ھو.اسيمبلي ۾ قصوري جون ڀٽي ۽ پيپلزپارٽي جي خلاف تقريرون جاري رھيون.

4 جون 1974 تي ڀٽي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو تھ ”آئين تي مخالف ڌر جو گوڙ ۽ واويلا بنا جواز آھي،ڇاڪاڻ جو مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن آئين تي صحيحون ڪيون آھن ۽ ھي ھڪ متفقھ آئين آھي،”جنھن تي قصوري اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ھو تھ ”رتو ديرو مان آيل فاضل مقرر غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رھيو آھي.سڄي دنيا ڄاڻي ٿي تھ مون آئين تي صحيح ناھي ڪئي.ان جي حق ۾ ووٽ ناھي ڏنو.پوءِ ھي ڪئين ٿو چئي سگھي تھ آئين تي سمورن صحيحي ڪئي آھي ۽ ھي آئين متفقھ آھي ؟ ان مداخلت تي ۽ ان رمارڪس تي ڀٽو طيش ۾ اچي ويو ۽ ھن قصوري ڏانھن اشارو ڪندي رڙ ڪندي چيو ھو تھ “مون ھن شخص کي گھڻو برداشت ڪري ورتو آھي، ھي مجسم زھر قاتل آھي،ھاڻي اسين ھن کي قطعي برداشت نھ ڪنداسين“.

”قومي اسيمبلي ۾ ڀٽي صاحب جي ان تقرير جي اٽڪل پنجن مھينن بعد 11 نومبر 1974 تي واقعو پيش آيو.ٻئي ڏينھن يعني 12 نومبر انگريزي روزاني ڊان جي خبر ھئي ”تحريڪ استقلال جي اڳواڻ اصغر خان لاھور ۾ ( سياستدان ۽ انساني حقن جي وڪيل) ميان محمود علي قصوري جي رھائش گاھ تي ھڪ  پريس ڪانفرنس ۾ چيو تھ قاتلن احمد رضا قصوري کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ان کان اڳ بھ ھن تي ٽي ڀيرا حملا ٿي چڪا آھن.ھن افسوس ظاھر ڪيو تھ ھن وقت تائين 24 سياسي ليڊر ۽ ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو آھي.جن جي قاتلن جو پتو نھ پيو آھي،”محمود علي قصوري حڪومت تي الزام لاڳو ڪندي چيو تھ ھن وقت تائين قومي اسيمبلي جي رڪن نذير احمد، عبدالصمد اچڪزئي،مولانا شمس الدين،خواجھ محمد رفيق ۽ ٻين (سياسي اڳواڻ) قاتلن جي گولين جو نشانو بڻجي چڪا آھن.ھن مطالبو ڪيو تھ سياسي قتل جو سلسلو بند ڪيو وڃي.”قصوري پنھنجي والد جي قتل جي 9 ڏينھن بعد 20 نومبر 1974 تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳاڙھي رنگ جي ھڪ بوتل  سميت آيو.ھن جي دعويٰ ھئي تھ ان بوتل ۾ سندس والد جو رت آھي.ھو ھڪ رت ۾ رڱيل قمص بھ گڏ کڻي آيو ھو ۽ اعلان ڪيو ھو تھ حڪومت جي پارليامينٽ جي ميمبرن تي قاتلاڻي حملن کي وائکو ڪيو وڃي،ٽي سي ايم کي ڏنل پنھنجي انٽرويو ۾ قصوري ٻڌايو تھ ھن اسيمبلي ۾ چيو ھو تھ ”ڀٽا، مان توکي ڇڏيندس ڪونھ .ڪيفر ڪردار تائين پھچائيندس ( جاري آھي)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.