آپگھات  روڪڻ لاءِ حڪومت پنھنجي حصي جو ڪم ڪري

سنڌ ۾ بک،بدحالي، اڪيلائي،ذھني دٻاءِ، بيروزگاري ۽ مايوسي جي ڪري آپگھات جا واقعا وڌيا آھن،اھو تسليم ڪيو وڃي ٿو تھ اھڙن واقعن ۾ سماجي اڻبرابر،متڀيد،ڌتڪار ۽ ٻيا سماجي مسئلا اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.سنڌ ۾ آپگھات جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي  آھي.جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي اھڙن واقعن بابت ڪي اعتبار جوڳا انگ اکر گڏ ڪرڻ جو ڪو راوج نھ آھي پر سماجي سطح تي ڪم ڪندڙ ادارن پاران انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا،جنھن موجب  ڊسمبر 2022ع کان آڪٽوبر 2023ع تائين سنڌ جي سمورن 30 ضلعن ۾ 293 آپگھات جا واقعا پيش آيا. جن ۾ 63 عورتون بھ شامل آهن.

مخلتف ذريعن ۽ سروي رپورٽن موجب آپگھات ڪندڙن ۾ اڪثريت نوجوانن، ڇوڪرن ۽  ڇوڪرين يا وري عورتن مردن جي آهي. وچولي ۽ اڏڙوٽ  عمر جي ماڻھن ۽ عورتن ۾ بھ  آپگهات جو لاڙو نظر آيو آھي. سنڌ ۾ وڌيڪ آپگھات جا واقعا ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ميرپورخاص وارن علائقن ۾ پيش اچن ٿا.

آپگهات جو لاڙو ھڪ نفسياتي پاسو بھ آھي.نفسيات جي ماھرن موجب ميڊيڪل جي زبان ۾ خودڪشي کي ذھني دٻاءُ(ڊپريشن) جي آخري حد قرار ڏنو ويو آھي. جنھن جا ڪيترائي ٻيا سبب ٿي آھن پر سڀ کان وڏو سبب بيوسي ھوندو آھي.جڏھن  انسان حالتن کي منھن ڏيڻ جي سگھھ نھ ساري سگھندو آھي تھ اھڙو عمل ھن کي ڇوٽڪارو لڳندو آھي. سائڪوٽرڪ ڊپريشن، وھم ۽ فريب پيدا ٿيڻ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ مريض کي سڀ دشمن لڳندا آهن ۽ مريض کي لڳندو آھي تھ کيس قتل ڪيو يا زهر ڏنو ويندو. واندڪائي بھ  ڪن ماڻھن جي لاءِ ذھني سڪون تھ ڪن  لاءِ ذھني پريشاني جو سبب بڻجي ٿي.

ٿر ۾ اجتماعي خودڪشين جا واقعا پڻ پيش آيا آھن، گذريل 7 سالن دوران پسند جي شادي نھ ٿيڻ تي 8 جوڙن آنت آندو، انھن 8 اجتماعي آپگھات جي   واقعن مان 6 واقعا رڳو اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ پيش آيا.

صحت جي عالمي اداري موجب دنيا ۾ ھر سال 8 لک کان وڌيڪ ماڻھو آپگھات ڪن ٿا، 79 سيڪڙو واقعا غريب ۽ گھٽ آمدني وارن ملڪن ۾ ٿين ٿا، انھن ملڪن ۾ غربت، بيروزگاري، ناانصافي، ظلم ۽ جبر جھڙا مسئلا وڏي شدت سان موجود آھن.

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پڻ غربت، بک ۽ بدحالي سبب ماءُ ۽ پيءُ پنھنجن معصوم ٻارڙن کي زھر کارائي پاڻ بھ آپگھات ڪيو آھي اھو ھن معاملي جو انتھائي خطرناڪ پھلو آھي.

سماجي اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي کانسواءِ سماجي اڻ برابري، ريتن ۽  رسمن جو پنجوڙ، هراسمينٽ ۽ اڪيلائي  پڻ ان جا وڏا سببن آھن.انھن جو مڃڻ آھي تھ سٺو روزگار 90 سيڪڙو ماڻھن کي آپگھات کان بچي ٿو.

ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپور خاص ۽ مٺي وارن علائقن ۾ غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ سماجي اڻ برابري ۽ ھندو برادري  ۾ شادين جا پيچيدا معاملا بھ ان جا سبب آھن، ڇو تھ رسمون سماج کي ھڪ جڳھھ تي جامد ڪري بيھاري ڇڏين ٿيون. ان ڪري مٿين علائقن ۾ عورتن جي آپگھات  جا واقعا وڌيڪ ٿين ٿا. ڄاڻايل علائقن ۾ ٻنين ۾ پورھيو ڪندڙ عورتون جنسي هراسمينٽ جو شڪار يا وري بليڪ ميل ٿين ٿيون ان ڪري بھ اھي سماجي دٻاءُ ۾ اچي اھڙو قدم کڻن ٿيون.

سماجي اڳواڻن تجويز ڪيو تھ سنڌ جو سماج زرعي آھي، پر ۾ شھري سماج وڌي رھيو آھي، ننڍين صنعتن کانسواءِ ٻين روزگار جي ذريعن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي. جنھن سان ھاڪاري حالتون پيدا ٿي سگھن ٿيون. سماجي تنظيم سي ايس ايس پي.جي  ڪيل تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو تھ غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ سماجي رويا، ريتون، رسمون ۽ ٻيا ڪارڻ بھ آپگھات جو وڏو سبب آھن.

ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ مٺي ۾ آپگھات جي سببن ۾غربت، ڌڪارڻ، قدرتي آفتون ۽ اڪيلائي شامل آھي،عورتن جا ھئا ۽ اھي سڀئي مذھبي ٿورائي طور رھندڙ برادرين جي عورتن جا ھئا.

ڪجھه سماجي ماھرن جو موقف آهي ته سنڌ ۾ غربت ،مايوسي ۽ خودڪشين جي  واقعن جو سبب سنڌ جي ماڻھن ھٿن مان سندس وسلين جو کسجڻ بھ آھي. حڪمران طبقا سنڌ جي وسيلن کي لٽيندا رهن ٿا، سنڌ جي وسيلن جو ناڻو سنڌ جي ماڻهن تي خرچ نٿو ٿئي، ڏڪار، قدرتي آفتون ۽ بيماريون سنڌ جي ماڻهن کي ذهني طور مفلوج بڻائي چڪيون آهن. اھو بھ تسليم ڪيو وڃي ٿو تھ  ڪجھھ آپگھات جي واقعن ۾ قتل جا واقعا بھ لڪايا وڃن ٿا  جيئن قانوني طور تي قتل کي آپگھات ۾ بدلائي سگھجي.سنڌ ۾ آپگھات جي واقعن جي پوليس جاچ جي لاءِ جديد يا سائنسي طريقا ڪتب نٿا آندا وڃن. نتيجي ۾ قتل جا واقعا آپگھات  جي واقعن ۾ لڪي وڃن ٿا.

عام طور تي سماجي رويا ان سماج جي حالتن جي نشاندھي ڪندا آھن،جڏھن سنڌ ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ آپگھات جا واقعا ٿين ٿا تھ اھو سمجھڻ گھرجي تھ سماجي ۾ اڻبرابري،متڀيد،ڌتڪار وارا رويا،غربت،بيروزگاري ۽ مايوسي موجود آھي. جنھن جي ھڪ حد تائين ذميواري سنڌ وقت جي حڪومت تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي.

بھتر ٿئي جيڪڏھن حڪومت ھن اھم ۽ سنگين مسئلي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪي مثبت قدم کڻي ۽ پڻ حڪومتي سطح تي لاڳاپيل ادارا اھڙن واقعن جو سماجي اڀياس ڪرائين ۽ ان جي حقيقي سبب کي ڳولين، ان سان گڏ انھن سببن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اثرائتا ۽ نتيججن ڀريا قدم کڻن تھ ان سان بھ سرڪار پنھنجي حصي جو ڪافي ڪم ڪري سگھي ٿي.جنھن سان انسان کي ھڪ ڀيرو ملندڙ حياتي تان ھٿ کڻڻ تي مجبور ٿيڻو نھ پوي.

سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سماجي ادارن سان گڏجي ڪري بھ حڪومت ڪي اھڙي منصوبا ۽ پروجيڪٽ جاري ڪري سگھي ٿي،جنھن سان اھڙي مايوسي، ڊپريشن ۽ غذا فراھم ڪري عوام جي ھڪ وڏي حلقي کي ان ۾ شامل ڪري ھن سنگين مسئلي کي ڪنھن حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو.

صحت مند روين جو دارومدار صحت مند سماج تي ھوندو آھي،جنھن ۾ جملي سماجي اصول ڪم ڪندا آھن، انھن ۾ بھ حڪومت تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ان پاسي ڌيان ڏئي اھڙن روين کي اڳتي واڌيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.