سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور

تحرير: غلام حسين جوڻو

گذريل ٻن ڏهاڪن کان وٺي، سنڌ جي وسيلن ، ذريعن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڪڏهن ترقي جي آڙ ۾ ، ”ذوالفقارآباد“ جهڙيون اسڪيمون ٺاهي ، سنڌ جي ايراضيءَ تي قبضو ڪيو ويو ۽ اتي ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن ”بحريا ٽائون“ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي. اتان جي مقامي ماڻهن جا ڳوٺ ڊاهي کين دربدر ۽ بي گهر ڪيو ويو آهي. قبرستانن ۾ ، قبرن جي بي حرمتي ڪري، قبرون ڊاهي وڏيون عمارتون تعمير ڪرڻ جون ڪوششون به ڪيون ويون آهن. ڪچي جي زمينن تي قبضا ڪيا اٿن. ٻيلا هٿ سان وڍرائي تباهه ڪيا ويا آهن. سنڌ جي دريائن تي به قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سامونڊي پٽي به والار ڪئي پئي وڃي. سمنڊ جا ٻيٽ پڻ پرڏيهي ملڪن کي وڪرو ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي ٿر جي واري به انهن جي نظر ۾ آهي ۽ ٿر کي وڪرو ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي سونهن به تباهه ڪرڻ لاءِ جبلن کي ڪٽيو ۽ وڍيو پيو وڃي. جنهن جو مثال ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي مان وٺي سگهجي ٿو. سنڌ جي سرزمين کي والارڻ لاءِ ، ڌاريان ماڻهو ، هٿ سان گهرائي هتي آباد ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي سَنڌ ، سَنڌ کي وڍڻ ۽ ٽڪڻ جو سلسلو تيزي سان جاري ۽ ساري آهي. سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيا پيا وڃن. اهو هڪ ڏکوئيندڙ عمل آهي.

هاڻي ، وري اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ، سنڌ جي هزارين بلڪه لکين ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اهڙيون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن بس رڳو قبضي جا سانباها هلن پيا. ان قبضي کان پوءِ هتان جا ڪيترائي هاري ۽ آبادگار بيروزگار ٿي ويندا. انهن کي بي گهر ڪري لڏايو ويندو. سندن ڳوٺ مسمار ٿيڻ جو خطرو ۽ انديشو آهي. ان ، امڪان کي بلڪل رد ڪري نه ٿو سگهجي. سنڌ ۾ ، اڳ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ويتر ڄاڻايل زمين به سندن هٿن مان نڪري وڃڻ سان وڌيڪ بيروزگاري ٿيندي. هتان جو غريب عوام ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويندو.ماڻهو بدحال ٿي ويندا. هونئن به ، سنڌ جي زمين جا وارث هتان جا رهواسي سنڌي آهن.  تنهن ڪري اهي زمينون ڌارين کي ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ڪونه آهي. انهن زمينن تي سنڌين جو قانوني، آئيني ۽ اخلاقي حق حاصل آهي. اهو ، حق انهن کان هر گز ڦرڻ نه گهرجي. اهي، رهواسين جي حوالي ڪيون وڃن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتي آهي. ناانصافي ۽ بدنيتي آهي. اهڙا فيصلا ڪرڻ سان قومن کي نقصان پهچي ٿو. قومي تشخص پائمال ٿئي ٿو. اهو، هڪ وڏو ڌاڙو آهي. سنڌي قوم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي گهري سازش ڪئي پئي وڃي.

هتي، اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، سنڌ جي زمينن تي ڇو قبضو ڪيو پيو وڃي ۽ ان ۾ ڪهڙي سگهاري ڌر جا هٿ ملوث آهن؟ هينئر ، ٺڪر نگران حڪومت تي ڀڳو ويندو ته ، ان سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرايو آهي. پر، اسان سمجهون ٿا ته ، نگران حڪومت کان اڳ ۾ ئي اهو فيصلو ڪيو ويو هو. جيڪو گذريل حڪومت ڪيو هو. ان حڪومت پنهنجي سورهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ جي وحدانيت تي ڪيترائي حملا وار ڪيا آهن. انهن حملن بابت مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. هن ، وقت ڄاڻايل والار جي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج ڪري رهي آهي. هڙتالون ڪيون پيون وڃن. جلسا ڪيا پيا وڃن. پريس بيان جاري ڪيا پيا وڃن. ماڻهو روڊن ۽ رستن تي نڪري پيا آهن ۽ غم و غصي ۾ آهن. خاص ڪري قومپرست ۽ ساڃاهه وند ڌريون افسوس جو اظهار ڪري رهيون آهن. سنڌي قوم پريشان ۽ مونجهاري جو شڪار آهي. پر، ڀوتار ۽ سندن قيادت ان فيصلي جي خلاف هڪ لفظ به چوڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. انهن مڪمل طرح خاموشي اختيار ڪئي آهي. پنهنجو ڪو به رد عمل ڪونه ٿا ڏين. ايئن ٿو سمجهه ۾ اچي ته ، اهو ڪم سندن رضا مندي ، راضپي ۽ صلاح سان ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هو ان غير قانوني والار جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪونه ٿا ڪن. هونئن به سنڌ دشمن پاليسين ٺاهڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي. ٿورو غور ويچار ڪبو ته سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو. اصل حقيقتون معلوم ٿيڻ سان ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. ان  والار جي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.