اُها اننگز جنهن ويرات کي ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر بڻايو

تحرير: سرمد

ڇا توھان ڄاڻو ٿا ته ڀارتي ٽيم ۾ جاءِ ٺاھڻ کان اَڳُ ويرات ڪوهلي دهلي، انڊيا بليو، انڊيا ايمرجنگ پليئرز، انڊين بورڊ آف پريزيڊنٽ اليون، ريسٽ آف انڊيا، انڊيا ريڊ، نارٿ زون، آئل اينڊ نيچرل گئس ڪارپوريشن، انڊيا انڊر 19، انڊيا اي لاءِ کيڏي چڪو ھو؟
ڀلا اِھو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته هن 18 آگسٽ 2008ع ۾سريلنڪا خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ پير پاتو ھو ؟
پر ڇا توھان کي اھا خبر آھي ته دهليءَ جي ھڪ عام ڇوڪري مان هو گريٽسٽ آف آل ٽائيم ڪيئن بڻيو؟
مون کي اڄ به ياد آھي، جڏھن آئون ماسات امتياز( هو منهنجي ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ تي انسائيڪلو پيڊيا آهي)کان پڇيو ھو ته ھي ڪوھلي ڪير آھي ؟
ھن وراڻيو هو ته ”ھڪ سٺڙو نوجوان بيٽر ، جنهن راھول ڊريوڊ جي جاءِ تي ھڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ايڊجسٽ ڪيو پيو وڃي.خير، اھو هڪ ڊگهو داستان آهي، پر مان ھتي ان اننگز جو اڄ ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن کيس ان ماڳ تائين رسائڻ ۾ نهايت ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو ھو.
ويرات کي ڪرڪيٽر طور نيريءَ جرسيءَ ۾ پسڻ سندس پيءُ جو خواب ھو. پريم ناٿ ڪوھلي چاھيو ھو ته ھڪ ڏينهن ويرات ڀارت جي نمائندگي ڪري.
ڀارتي ٽيم تائين جو سفر طئي ڪرڻ لاءِ ھن وٽ ھڪ ئي روڊ ميپ ھو ۽ اھو ھو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۽ مسلسل محنت.
ويرات 18 ورهين جي عمر ۾ دهليءَ لاءِ رنجي ٽرافي ۾ هڪ يادگار اننگز کيڏي هئي، اِھا ئي اننگز سندس ڪيريئر کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿي.
اي ايس پي اين ڪرڪ انفو رپورٽ موجب، اھا ڪوهليءَ جي ڪرناٽڪ خلاف ڊيبيو ميچ ھئي ۽ ميچ واري رات ئي سندس پيءُ ديهانت ڪري ويو ھو، پر ھن پيءُ جي خواب کي جيئڻ جو پهه ڪيو.
هو صبح ساڻ پهرين ميدان تي ويو، ڇو ته ڪوھليءَ جي ٽيم مٿان ان وقت فالو آن جي تلوار ٽنگيل ھئي ۽ ھن پنهنجي اننگز ناٽ آئوٽ 40 رنسن تان ٻيهر شروع ڪئي ۽ 90 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پيءُ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيو، ان ڏِينهُن جنهن به کيس فيروز شاهه ڪوٽلا اسٽيڊيم ۾ بيٽنگ ڪندي ڏٺو، سي اڄ به ان ڇوڪري کي نه وساري سگهيا آھن، اھڙي ريت ٽن ڪلاڪن جي ان اننگز دؤران هڪ ڳڀرو، مئچور ڪرڪيٽر بڻجي ويو.
ھوريان ھوريان، جيئن جيئن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪوهليءَ جو قد، مان مرتبو وڌيو، سندس مزاج ۾ به وڏيون تبديليون ڏٺيون ويون.
سندس جارحاڻو انداز فطري ھو يا نه ان تي بحث ڪري سگهجي ٿو پر سچ اِهو آهي ته هُن ان کي مخالف ٽيمن خلاف هڪ هٿيار طور ڪتب آندو.
ھو ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ڪامياب ترين ڪپتان بڻيو.
اڄ ڪوھليءَ جي نالي پٺيان ھڪ انڊر نائنٽين ورلڊ ڪپ، ون ڊي وِشوَ ڪپ، ھڪ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ، ٻه چيمپئنز ٽرافيون، انيڪ ايشيا ڪپ، اڻ ڳڻيا انفرادي اعزاز ۽ ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن ۾ 27 ھزار کان مٿي رنسون ۽ ٻياسي انٽرنيشنل سينچريون آھن .
هُن ڪرڪيٽ ۾ اسٽارڊم واري لاڙي کي هٿي وٺرائي، ڏسندي ئي ڏسندي هو هڪ برانڊ بڻجي ويو، سندس نالي کي ڪاميابي جي ڪنجي قرار ڏنو ويو، اڄ ھو دُنيا جي ٽاپ ڏهن بااثر اٿيلٽ منجهان ھڪ آھي.
ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر دوران ئي عظيم ترين بڻيو، سچن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ هن ڀارتي مداحن ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي سندس کوٽ ڪڏھن به محسوس ٿيڻ نه ڏني ۽ لاڳيتو هو ڪرڪيٽ جي دنيا کي انٽرٽين ڪندو ڪيئي رڪارڊ چٽ ڪندو ويو…
ھو جنهن جي سڃاڻپ ئي دٻاءُ ۾ پرفارم ڪرڻ آھي، جنهن ڪري دنيا کيس ”چيز ماسٽر“ ڪوٺي ٿي. ھن جي ڪريز تي موجودگيءَ سان محسوس ٿيندو آھي ته ھاڻي سندس ٽيم کي ڪو به ھارائي نٿو سگهي.
جنهن اسان جي ننڍپڻ کي يادگار بڻايو، ھن ميدان ۾ مخالفن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو، جنهن ڪڏھن چيو ھو ته ”ميدان ۾ منهنجي عزت کان وڌ ڪنهن جي عزت ڪونهي جيڪڏھن ڪو منهنجي ڳچيءَ ۾ ھٿ وجهندو ته مون مان به درگزر جي اميد نه رکي. “
ھن ئي همراهه ته ڪرڪيٽ کي گلوبل گيم بڻايو آھي. ھا، اُھو ئي شخص جنهن ڀارت کي گهر کان ٻاھر به کيڏڻ ۽ کٽڻ سيکاريو.
ھو، جيڪو ھن راند جي سونهن ۽ ساک آھي. اسان چاھيون ٿا ان شخص کي جنهن جي ميدان ۾ موجودگيءَ جو مطلب ھوندو آھي ڀارت جي فتح. اُھو ويرات جيڪو ڪنڌ مٿي ڪري بيٽ ھوا ۾ بلند ڪيون جڏھن ميدان مان ٻاھر ويندو آھي ته ھزارين ڪرڪيٽ پريمي کيس نِمي سلام ڪندا آھن.
ھائو، اسان چاھيون ٿا ته جنهن طريقي سان سندس ڪيريئر جي شروعات رھي، عروج رھيو، پڄاڻي به ايئن ئي ٿئي، ھو جڏھن به ميدان کي الوداعي سلام ڪري ته سندس ڪنڌ مَٿي ۽ چهري تي ھڪ فتحاڻي مرڪ ھجي .
ھا، اسان سَڀُ ڄاڻو ٿا ته ھڪ ڏينهن ھو عالمي ڪرڪيٽ کي سميت هر قسم جي ڪرڪيٽ کان موڪلائي خاموش ٿي ويندو، پر جا گُونج ھو اسان جي ڪنن ۾ ڇڏي ويو، جي به لمحا ھُن ھِن راند کي ارپيا، جيڪي به اننگز ھن پنهنجي ديسَ لاءِ کيڏيون، سي تا دم حيات اسان سان گڏ ھونديون ۽ اسان اھو چئي سگهنداسين ته جنهن راند کي اسان فقط ڏسڻ جي حد تائين ڏٺو، ھن جي ڪري ھوريان ھوريان ان جي سحر ۾ پاڻ وڃائي ويٺاسين …

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.