اظهار جي آزادي ھر شھري جو بنيادي حق آھي.پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 پڻ ان موجب آھي ته "ھر پاڪستاني کي اظھار جي آزادي جو حق آھي” اظھار جي آزادي ڪنھن به صورت ۾ ڪري سگھجي ٿي، لکڻ، ڳالھائڻ، تقرير يا ڳائڻ جي صورت ۾ ڪري سگھجي ٿي. اظھار جي آزادي جو موضوع انساني حقن جي زمري ۾ پڻ اچي ٿو. ھر پاڪستاني شھري کي بنا ڪنھن ذات پات، رنگ، نسل، مذھب ۽ قوميت جي فرق بنا اظھار جي آزادي جو برابري جي بنياد تي پورو پورو حق آھي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هتان جو قانون "جيڪو ڏاڍو سو گابو” جي فارمولي تحت ھلي رھيو آھي. اھو اڄ کان نه پر پاڪستان جي آزادي کان وٺي هن وقت تائين هلندو پيو اچي.
ڪو اھڙو ادارو نه آھي جيڪو حقيقي عوامي مفاد ۾ رھي بدنيتي، ڪرپشن کان پاڪ ھئڻ سان گڏوگڏ تنقيد کان مٿانهون ھُجي. جيڪو ملڪ کي ڏينھون ڏينھن بنا ڪنھن خوف ۽ خيال جي ذاتي جاگير سمجھي لُٽي تباھ ۽ برباد ڪري رھيا آھن، اُھي رياست جي اَک ۾ وفادار، ملڪ دوست ۽ عوام دوست آھن. ڇو ته اُھي سندن ئي ڪاٽڪو آھن.
پر ڪو سياستدان يا صحافي يا دانشور ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، عوام دشمن فيصلن، نا انصافين، قانون جي لتاڙ، ميرٽ جي لتاڙ، غربت، دھشتگردي، جھالت، مذھبي جنونيت ۽ فساد، وڏيرڪي نظام ۽ ويڳي ماءُ جھڙو سلوڪ رکندڙ رياست خلاف اخلاق جي اندر زبان يا قلم ذريعي تنقيد ڪري ٿو مظلومن، مسڪينن، بي پھچن، لاچارن، مزدورن، ھارين، ڏتڙيل شاگردن جو آواز بڻجي ٿو ته اُن کي ڌمڪائي، ڪافر، غدار، بليڪميلر، دھشتگرد ملڪ دشمن قرار ڏيئي ان خلاف ڪوڙا ڪيس درج ڪرائي خاص ماڻھن ذريعي مٿن تشدد ڪرايو وڃي ٿو ، جيڪڏھن فردي حيثيت سان نجي توڙي سرڪاري ملازمت ڪندڙ آھي ته ان کي ملازمت تان فارغ ڪرايو وڃي ٿو جيڪڏھن ڪنھن صحافتي اداري يا سياسي تنظيم جو سربراھ آھي ته اُن جي صحافتي اداري يا سياسي تنظيم کي ملڪ دشمن قرار ڏيئي پابندي لڳرائي ان جي سربراھي ھيٺ ملازمت يا سياسي پرچار ڪندڙن کي جبر ۽ ڏاڍ ذريعي ادارو يا سياسي تنظيم ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، نقاب پوش ماڻھن ھٿان کنڀرائي ٽاچر سيلن ۾ رکيو وڃي ٿو، کين اڌمئو ڪري ڪنھن چو واٽي تي ڦِٽو ڪيو وڃي ٿو يا بيدردي سان ڊرل مشينن، گولين جو کاڄ بڻائي چچريل لاش ڏنو وڃي ٿو. پاڪستان جي مشھور صحافتي تنظيم "پاڪستان پريس فائونڊيشن” پاران پڌري ٿيل ھڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ گذريل پنجن سالن ۾ 17 صحافي شھيد چڪا آھن. جن ۾ سکر مان شھيد جان محمد مھر، نوشھرو فيروز مان عزيز ميمڻ، دادو مان عظيم لغاري پڻ شامل آھن جن جو ڪو به داد فرياد نه ٿي سگھيو. جڏهن ته حق ۽ سچ لکڻ تي سنڌ ۾ سرداري نظام هجڻ ڪري صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيا وڃن ٿا.
جيڪڏھن ڪو شاگرد تعليمي اداري اندر شاگردن جي حقن جي ترجماني ڪري ٿو، شاگردن جي بنيادي سھوليتن لاءِ آواز اٿاري ٿو، ته اُن جي داخلا رد ڪري کين نڪالي ڏني وڃي ٿي.جيڪڏھن ڪنھن فلم انڊسٽري ۾ سرڪاري يا سرڪاري ادارن تي تنقيدي مواد مطابق ڪا فلم ٺاھي وڃي ٿي ته اُن فلم تي به پابندي لڳائي وڃي ٿي. پابندي لڳندڙ فلمن منجھان پاڪستاني فلم "مالڪ” جنھن جي ڪھاڻي نااھل حڪمرانن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪرڻ تي ٺاھي وئي ھئي جنھن تي سال 2016 ۾ پابندي لڳائي وئي ھئي. اُن سميت وڏي تعداد ۾ فلمن تي پابنديون لڳايون ويون جيڪي ھِن وقت تائين بحال نه ٿي سگھيون.جيڪڏھن اظھار جي آزادي تي پابندي لڳائي وڃي ٿي ته ٻيا ڪي به حق اھميت نه ٿا رکن ڇو ته سڀني حقن منجھان پهريون ۽ اهم حق اظھار آزادي آھي.
اظھار جي آزادي خلاف اِھو ڌمڪين، گرفتارين، ٽارچر سيلن، گولين، جيلن، لاشن جو عمل فقط عوام لاءِ نه آھي پر رياست لاءِ پڻ بھتر نه آھي. اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته رياست پاران عوام سان اھڙو ورتاءُ ڇو ڪيو پيو وڃي ؟؟ رياست ته سڳي ماءُ جيان ھوندي آھي ۽ عوام سندس اولاد جيان ھوندو آھي ته پوءِ سڳي ماءُ بدران ويڳي ماءُ وارو ڪردار ڇو ؟