ڪراچي ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو، عمارت مٽيءَ جو ڍير، 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب عمارت پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي  ويا ۽ عورتن، ٻارڙن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مڇر ڪالوني  جي علائقي جعفر چوڪ تي ايل پي جي گئس جي دڪان اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب عمارت ڪري پئي جنهن سبب هڪ عورت ۽ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ٻارڙا به شامل آهن، ڌماڪي سبب 3 ماڙ عمارت مٽيءَ جو ڍير بڻجي وئي، سول اسپتال انتظاميا موجب عمارت ۾ سلينڊر ڌماڪي جي 10 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع ملندي پوليس،  رينجرز ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي پهچي ويون فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي علاج ڇيپا ايمبولنس ذريعي سول اسپتال برنس سينٽر منتقل ڪيو ويو، ابتدائي رپورٽ موجب دڪان اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو عمارت جي مالڪ جو نور الاسلام ٻڌايو پيو وڃي فوت ٿيل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي عبدالوهاب ولد حاجي اسرائيل، الفت ولد عبدالمجيد طور ٿي، چار ورهين جي ٻارڙي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، زخمين جي سڃاڻپ نور حسين ولد نور محمد عمر 28 سال، حميد ولد نور محمد عمر 25 سال، شهزادي ولد طاهر عمر عمر 3 سال، سعيد نور فضل حق عمر 32  سال، نبي عالم ولد فضل حق عمر 28 سال، عبدالامين ولد ابوبڪر عمر 27 سال،  رضيه زال امين عمر 23 سال، راشد ولد اظھر عمر 10 سال، عمر فاروق ولد طارق عمر 21 سال، احمد ولد سعيد نور عمر 3 سال، مبالسا ولد نور محمد عمر 3 سال، جڏهن ته 3 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن ۾ 15 سالن جي نينگري  ۽ 10 سالن جو ٻارڙو ۽ هڪ 28 سالن جو نوجوان شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.