بيروزگاري، غربت،ذهني دٻاءُ سبب سنڌ ۾ آپگهات جي شرح وڌي وئي

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) بيروزگاري، غربت، اڪيلائي، ذھني دٻاءُ ۽ مايوسين جو شڪار ٿيندڙ سنڌ جا ماڻھو آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھن، سنڌ ۾ آپگھات جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي  آھي. ڊسمبر 2022ع کان آڪٽوبر 2023ع تائين سنڌ جي سمورن 30 ضلعن ۾ 293 آپگھات جا واقعا پيش آيا، جن ۾ 63 عورتون بھ شامل آهن. غير سرڪاري تنظيمن، ايڌي جي ذريعن ۽ مختلف سروي جي رپورٽن توڙي سرڪاري انگن اکرن موجب آپگھات ڪندڙن ۾ اڪثريت نوجوان ڇوڪرن ۽ عورتن ۾ نوجوان ڇوڪرين جي آهي، جڏهن تھ وچ عمر جون عورتون بھ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿيون آهن، اهڙي طرح آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوران بھ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي يا آپگھات جا مختلف طور طريقا استعمال ڪندڙن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مختلف اسپتالن تائين آندو ويو، جن ۾ عورتون ۽ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بھ شامل آھن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آپگھات جا واقعا ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ميرپورخاص وارن علائقن ۾ پيش اچن ٿا. انگن اکرن موجب ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ 12 آپگھات جا واقعا پيش آيا جن ۾ 9 مرد ۽ 3 عورتون بھ شامل هيون، ڪراچي ايسٽ ۾ 9 واقعا پيش آيا، جن ۾ 2 عورتون شامل هيون، ڪراچي ويسٽ ۾ 7 واقعا ٿيا، جنهن ۾ هڪ عورت شامل آھي، ڪراچي سائوٿ 8 واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 2 عورتون شامل هيون، ملير ۾ ھڪ عورت سميت ماڻھن آپگھات ڪيو، ڪياماڙي ۾ 9 واقعا پيش آيا جنهن ۾ 2 عورتون شامل ھيون، ڪورنگي ۾ ٻن عورتن سميت 8 ماڻھن آپگھات ڪيو. اهڙي طرح حيدرآباد ضلعي ۾ 10 آپگھات  جا واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 2 عورتون شامل هيون، ٽنڊو الهيار ۾ 6 آپگھات ن جا واقعا پيش آيا، جنهن ۾ هڪ عورت شامل ھئي، مٽياري ۾ 7 واقعا پيش آيا ان ۾ هڪ عورت جي آپگھات جو واقعو بھ شامل ھو، بدين ضلعي ۾ 7 مردن ۽ هڪ عورت آپگھات  ڪئي، ٽنڊو محمد خان 4 ڄڻن آپگھات ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهايو، دادو ضلعي ۾ 8 واقعا پيش آيا، ڄامشورو ۾ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻن آپگهات ڪيو، ٺٽي ۾ 10 آپگھات جا واقعا پيش آيا، سجاول ۾ 9 مردن ۽ هڪ عورت شهيد بينظيرآباد نوابشاهھ ۾ 9 واقعا پيش آيا سانگهڙ ضلعي ۾ 5 واقعا ٿيا، خيرپور ۾ 7 مردن ۽ هڪ عورت لاڙڪاڻي ۾ 9 مردن ۽ ٻن عورتن آپگھات ڪئي، سکر ۾ 11 واقعا شڪارپور ۾ 8 جيڪب آباد ۾ گهوٽڪي ۾ 10 ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۾ 7 نوشهروفيروز ۾ 9 آپگھات قمبر شهدادڪوٽ ۾ 9 ميرپورخاص ضلعي ۾ 13 واقعا عمرڪوٽ 12 واقعا  ٿرپارڪر ضلعي ۾ 17 واقعا پيش، جنهن ۾ 8 عورتون بھ شامل آهن، آپگھات  ڪندڙن ۾ 38 مرد ۽ 37 عورتون شامل آهن، جن مان 55 ڄڻن جو تعلق اقليتي برادري سان ھو، ياد رهي تھ هي آپگهات جي واقعن جا اهي انگ اکر آهن، جيڪي ڪنهن نھ ڪنهن طريقي سان پوليس، ميڊيا ۽ مختلف تنظيمن تائين رپورٽ ٿيندا رهيا آهن، جڏهن تھ ان کانسواءِ رپورٽ نھ ٿيندڙ آپگھات جا واقعا پڻ سڄي سنڌ ۾ ٻڌايا وڃن ٿا.

حالتن کي منهن نه ڏئي سگهندڙ شخص دٻاءُ ۾ اچي وڃي ٿو:نفسيات جا ماهر

حيدرآباد: نفسيات جي ماھرن موجب ميڊيڪل جي زبان ۾ خودڪشي کي ذھني دٻاءُ(ڊپريشن) جي آخري حد قرار ڏنو ويو آھي، جنھن  ۾ انسان پنھنجي زندگي جو انت ٿو آڻي ڇڏي، جنھن جا ڪيترائي ٻيا سبب ٿي سگھن ٿا، پر ان ۾ سڀ کان وڏو سبب اھو بھ ھوندو آھي تھ نفسياتي طور تي انسان حالتن کي منھن ڏيڻ جي سگھھ ناھي رکندو. سائڪوٽڪ ڊپريشن، هي وھم ۽ فريب پيدا ٿيڻ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ مريض هر وقت اهو سوچڻ لڳندو آهي سڀ منهنجا دشمن آهن ۽ مون کي قتل ڪري ڇڏيندا يا زهر وغيره ڏيندا. واندڪائي ڪن ماڻھن جي لاءِ ذھني سڪون آھي تھ ڪن ماڻھن جي لاءِ ذھني پريشاني جو سبب بڻجي ٿي.

پسند جي شادي نه ٿيڻ ڪري اجتماعي آپگهات جو لاڙو

حيدرآباد: ٿر ۾ اجتماعي خودڪشين پڻ پيش آيا آھن، گذريل 7 سالن دوران پسند جي شادي نھ ٿيڻ تي 8 جوڙن پنھنجي زندگين جو آنت آندو، انھن 8 اجتماعي آپگھات جي   واقعن مان 6 واقعا رڳو اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ پيش آيا.

دنيا ۾ هر سال 8 لک کان وڌيڪ ماڻهو آپگهات ڪن ٿا: ڊبليو ايڇ او

حيدرآباد: صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او موجب دنيا ۾ ھر سال 8 لک کان وڌيڪ ماڻھو آپگھات ڪن ٿا، 79 سيڪڙو واقعا ترقي پذير يا غريب ۽ گھٽ آمدني وارن ملڪن ۾ ٿين ٿا، انھن ملڪن ۾ غربت، بيروزگاري، ناانصافي، ظلم ۽ جبر جھڙا مسئلا وڏي شدت سان موجود آھن، سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گذريل ڪجھھ سالن دوران ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ غربت، بک ۽ بدحالي سبب ماءُ ۽ پيءُ پنھنجن معصوم ٻارڙن کي زھر کارائي پاڻ بھ آپگھات ڪيو آھي.

سماجي اڻ برابري، ريتن، رسمن، هراسمينٽ ۽ اڪيلائي سبب مايوسين ۾ واڌ

حيدرآباد: سماجي تنظيمن سان جڙيل سماج سڌارڪ اڳواڻن چيو آھي تھ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي کانسواءِ سماجي اڻ برابري، ريتن ۽  رسمن، هراسمينٽ ۽ اڪيلائي جھڙن سببن جي ڪري آپگھات جي واقعن ۾ اضافو ٿئي ٿو، سٺي روزگار جي ڪري 90 سيڪڙو ماڻھو آپگھات جھڙي قدم کڻڻ کان بچي سگھن ٿا. ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو تھ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپور خاص ۽ مٺي وارن علائقن ۾ غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ سماجي اڻ برابريون ۽ ھندو برادري جي ماڻھن ۾ شادين وارا معاملا بھ وڏو سبب آھن، ڇو تھ رسمون اسان جي سماج کي ھڪ جڳھھ تي پابند ڪري بيھاري ڇڏين ٿيون، ان ڪري بھ اتي عورتن جي آپگھات  جا واقعا وڌيڪ ٿين ٿا. ھن چيو تھ ڄاڻايل علائقن ۾ ٻيو سبب اھو بھ آھي تھ عورتون، ٻارڙا توڙي مرد ٻنين ۾ پورھيو ڪن ٿا، جنھن دوران عورتون جنسي هراسمينٽ جو شڪار بھ ٿين ٿيون، عورتن کي بليڪ ميل بھ ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻ جاويد سوز ھالائي چيو تھ سنڌ ۾ آپگھات  جي واقعن ۾ واڌ جا وڏا ڪارڻ غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ هراسمينٽ ۽ ماڻھن کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ وارو رجحان بھ آھي، ان ڪري ضروري آھي تھ معاشي طور پوئتي پيل ماڻھن جي لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا وڃن، اسان جو سماج زرعي آھي، پر ھاڻ ان ۾ شھري سماج وڌي رھيو آھي، جنھن جي ڪري ننڍين صنعتن کانسواءِ ٻين روزگار جي ذريعن کي ھٿي ڏئي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي، سماجي تنظيم سي ايس ايس پي جي اڳواڻ واحد سنگراسي چيو تھ اسان جي تنظيم جي رپورٽ جي لاءِ ڪيل تحقيق ۾ اھو معلوم ٿيو آھي تھ غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ اسان جا سماجي رويا، ريتون، رسمون ۽ ٻيا ڪارڻ بھ آپگھات جو وڏو سبب آھن. ھن چيو تھ ٿرپارڪر، ميرپور، مٺي، عمرڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿيندڙ آپگھات ن جي واقعن ۾ گھڻي ھڪجھڙائي بھ نظر اچي ٿي، سڄي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آپگھات جا واقعا ڄاڻايل علائقن ۾ ٿي رھيا آھن.

غربت، ڌڪارڻ،قدرتي آفتون ۽ اڪيلائي آپگهات جو مک سبب

 حيدرآباد: ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ مٺي ۾ آپگھات بابت ٿيل ھڪ تحقيق موجب انھن علائقن ۾ آپگھات جي وڏن ڪارڻن  ۾ غربت، ماڻھن کي ڌڪارڻ، قدرتي آفتون ۽ اڪيلائي شامل آھي، 2020ع ۾ سڀ کان وڌيڪ آپگھات جا واقعا پيش آيا، جنھن ۾ انتھائي ڳڻتي جوڳو انڪشاف ٿيو آھي تھ انھن علائقن ۾ آپگھات ڪندڙن ۾ وڏو انگ عورتن جو شامل آھي، سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام(سي ايس ايس پي) طرفان جنوري کان آگسٽ 2020ع دوران ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ آپگھات جي ڪارڻ تي تحقيق ڪئي وئي، جنھن جي انگن اکرن موجب مٺي ۾ 78 ماڻھن آپگھات ڪئي، جنھن ۾ 32 مرد ۽ 46 عورتن شامل ھيون. جنوري کان آڪٽوبر 2020ع تائين عمرڪورٽ ضلعي ۾ 64 ماڻھن آپگھات ڪئي، 37 مرد ۽ 27 عورتون شامل ھيون، جنوري کان آگسٽ 2020ع تائين ميرپورخاص 9 ماڻھن آپگھات ڪئي، جنھن ۾ 3 مرد ۽ 6 عورتون ھيون، مجموعي طور تي ميرپورخاص ڊويزن ۾ 10 مھينن جي دوران 151 آپگھات جا واقعا پيش آيا، جنھن مان 97 ڪيس جنوري کان مئي جي دوران ٿيا، انھن 97 ڪيسن ۾ 52 ڪيس عورتن جا ھئا ۽ اھي سڀئي مذھبي ٿورائي طور رھندڙ برادرين جي عورتن جا ھئا.

وسيلن سان مالامال سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي سبب زندگي کان مايوس

حيدرآباد: سنڌ جي سياسي جماعتن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو اهو موقف رهيو آهي ته سنڌ ۾ غربت خودڪشين جي  واقعن جو سبب آهي، سمنڊ، درياهه، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن سان مالامال سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، حڪمران طبقا سنڌ جي وسيلن کي لٽيندا رهن ٿا، سنڌ جي وسيلن جو ناڻو سنڌ جي ماڻهن تي خرچ نٿو ٿئي، ڏڪار، قدرتي آفتون ۽ بيماريون سنڌ جي ماڻهن کي ذهني طور مفلوج بڻائي چڪيون آهن.

آپگهات جي نالي تي ڪجهه قتل جا واقعا به ٿين ٿا

حيدرآباد: تحقيق ۾ ھڪ تاثر اھو بھ ڄاڻايو وڃي ٿو تھ  ڪجھھ آپگھات جي واقعن ۾ قتل جا واقعا بھ لڪايا وڃن ٿا تھ جيئن قانوني طور تي قتل کي آپگھات ۾ بدلائي سگھجي، پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ آپگھات جي واقعن جي پوليس جاچ جي لاءِ اھڙا سائنسي طور طريقا استعمال نٿا ٿين جنھن جي نتيجي ۾ قتل جا واقعا آپگھات  جي واقعن ۾ لڪي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.