موري لڳ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو، لاش رکي ڌرڻو

مورو(رپورٽ:جاني مورائي) مورو لڳ زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ فوت ٿيلن جو انگ چار ٿي ويو آهي. چار ڏينھن اڳ مورو لڳ دنمبير ۾ زرداري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار سبب غلام نبي عرف ونجھو زرداري ۽  سندس ڀاء قاسم زرداري ٿڏي تي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا ھئا، جڏھن ته پ پ جي پراڻي ورڪر مرحوم ڦوٽو خان زردارئ جي ڌر جو بگو زرداري پڻ گولين جو کاڄ بڻجي موقعي تي قتل ٿي ويو ھو جڏھن ته ڦوٽو خان زرداري جي ڌر جو ھڪ نوجوان ساجد ولد قادن زرداري پڻ گولين سبب زخمي ٿيو ھو جنھن جو علاج ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ھلندڙ ھو جيڪو ڪالهه صبح پڻ فوت ٿي ويو جنھن جو لاش رکي وارث عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن مورو ڪورٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، جنھن جي اڳواڻي مسمات پناھ خاتون، ڦوٽو خان جي بيواھ مسمات صدف زرداري، مسمات حسنا زرداري،مسمات ڪوثر زرداري، مسمات مسمات ڄامل خاتون ۽ ٻين عورتن سميت معصوم ٻارڙن توڙي مردن ڪئي، جتي ھنن مڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته کنڀڙي وٽ اسان جي 32 ايڪڙ زرعي زمين آھي جيڪا اسان ونجھي زردارئ جي والد کان ورتي ھئي  پر ونجھي زرداري جي والد جي اوچتي وفات بعد اسان کي کاتا ڦيرائي نه ڏنا ويا هئا. جڏھن ته اسان زرعي زمين جي سموري رقم به ادا ڪئي،اسين گذريل 35 سالن کان زمين ڪاھيندا پيا اچون ۽ زمين جو پڻ قبضو اسان وٽ آھي پر گذريل 5 ڏينھن اڳ غلام نبي عرف ونجھو زرداري پنھنجا ماڻھو وٺي اسان جي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي نتيجي ۾  ونجھو زرداري سندس ڀاء قاسم زرداري ۽ اسان جي ڌر جو بگھو زرداري موقعي تي مارجي ويا ۽ اسان جي ڌر جا  ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿيا جڏھن ته زخمين ۾ اڄ پڻ اسان جو نوجوان ساجد زرداري پڻ فوت ٿي ويو آھي ھنن چيو ته ونجھو زرداري جي ڌر پاران ٻٽي قتل جي ايف آء آر پوليس پاران ونگار وھندي اسان مٿان ڪٽي وئي آھي جڏھن ته اسان جو به ٻٽو قتل ٿيل آھي پر پوليس ھن مھل تائين اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو آھي، جيستائين اسان جي ٻٽي قتل جو ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين اسان لاش نه دفنائينداسين. رات دير سان مورو پوليس  صدام حسين ولد سڄڻ زرداري جي فرياد تي 16 سڃاتل 2 اڻ سڃاتلن مٿان  ايف آء آر داخل ڪئي تڏھن کان پوء  لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.