اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊ جي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان به ان موقعي تي موجود هو. درخواستگذر اڪبر ايس بابر ۽ ٻيا به پنهنجي وڪيلن سان گڏ موجود هئا. پي ٽي آءِ جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پارٽي چيئرمين جو مدو 5 سال جڏهن ته پينل جو مدو 3 سال آهي. جيڪڏهن عهديدارن جي چونڊ بنا مقابلي ٿئي ته چونڊن جي ضرورت ناهي هوندي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر سوال ڪيو ته اهو پهريان ئي طئي ڪيو ويو ته چونڊون بنا مقابلي هونديون. چونڊن جي جڳهه کان آگاهه نه ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻُڌايو ته اسان جا 8 لک 37 لک ووٽرز آهن. اڪبر بابر ايس کان علاوه ڪو درخواستگذار اسان جو ميمبر ناهي رهيودرخواستگذار جي وڪيل عزيز الدين ڪاڪاخيل سوال ڪيو ته اڪبر ايس بابر کي پارٽيءَ مان ڪڏهن ڪڍيو ويو ان بابت به آگاهه ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي چونڊ نه پر سليڪشن ٿيندي آهي، اهي چونڊون ٻيهر ڪرايون وڃن. بعد ۾ ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو.