تنگواڻي جا 2 پورهيت ڪنڌڪوٽ کان واپس ايندي مبينا اغوا، وارثن جو ڌرڻو

تنگواڻي (رپورٽ: مهتاب ملڪ) تنگواڻي جا 2 پورهيت ڪنڌڪوٽ کان واپس ايندي گم ٿي ويا، غلام رسول بکراڻي ۽ دوست منصور پٺاڻ ڪنڌڪوٽ علاج ڪرائڻ ويا واپسي تي نمبر بند ٿي  ويو، وارثن پاران عبدالمجيد بکراڻي، عثمان بکراڻي، عبدالعلي بکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وين ٽرمنل تي ڌرڻو هڻي سنڌ_بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ڪئي وئي، مظاهرين کان ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ اڻڄاتل ماڻهن پاران جهيڙو ڪيو ويو لتن مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، شهر ۾ مظاهري دوران هڪ فائر پڻ ڪيو ويو، جنهن سبب شهر ۾ خوف پکڙجي ويو، هوڏانهن مظاهرين پاران مطالبو ڪيو ويو ته مغوين کي بازياب ڪرائيو وڃي، هوڏانهن 6 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رهيو، ايس ايڇ او ڊيرا سرڪي محمد بخش نائچ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيون هڪ ڏينهن جي مهلت ۽ اڳوڻي ٽائون چيئرمين اشرف علي خان بجاراڻي جي فون تي رابطي بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.