ڪراچي: علائقي جي رهواسين موجب پٽ پئجي ويل عمارت جو مالڪ اڳوڻو ڪائونسلر اسلام حقاني آهي جنهن جون 2 شادي شده ڌيئرون به ساڳئي عمارت ۾ رهائش پذير هيون، ان کان علاوه وڌيڪ 2 خاندان به عمارت ۾ رهندا هئا، ٻئي پاسي انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب مڇر ڪالوني ۾ ڌماڪي واري جاءِ تي پھچي ويو ۽ ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اھڙي نموني جا ڌماڪا تسلسل سان گڏ شھر ۾ ٿي رھيا آهن، امڪاني خدشي کي سامھون رکندي سي سي ٽي ڊي جي ٽيم ھتي پھتي ۽ صورتحال جو جائزو ورتو، شروعاتي تحقيقات ۾ تخريبڪاري جي شاھدي ناھي ملي واقعي بابت حقيقت ليب رپورٽ اچڻ تي واضح ٿيندي، فائربرگيڊ آفيسرن واقعي کي سلينڊر ڌماڪي جو نتيجو ٻڌايو آهي.