رستم ڀرسان هڪ رات اندر چوڪيدار سميت 3 ڳوٺاڻا اغوا، 2 عورتون گرفتار

شڪارپور/ لکي غلام شاهه (رپورٽ: ذوالفقار مگسي/ نديم جان مهر) رستم دائم ملڪ ٿاڻن جي حدن مان هڪ رات اندر 3 ڳوٺاڻا مبينا طور اغوا پوليس کي اطلاع رستم لڳ برف ڪارخاني جي چوڪيدار کي اغوا  ڪندڙ گروهه جا پيرا مغوي جي ڳوٺ ۾ داخل جوابدار فرار ٿي ويا، ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو،  لکي غلام شاهه جي رستم ۽ دائم ملڪ ٿاڻن جي حدن مان رات ديرسان رستم لڳ برف ڪارخاني تي ستل چوڪيدار محمد پناھ مهر کي نامعلوم هٿياربندن ڪارخاني کي پٺيان کاٽ هڻي مبينا طور اغوا ڪري ورتو، چوڪيدار جي گهر نه پهچڻ تي وارث ڪارخاني تي پهتا ته محمد پناھ مهر موجود نه هو رستم پوليس کي اطلاع ڪيو ويو پوليس ۽ ڳوٺاڻن سرڪاري ۽ راڄوڻي پيرين ۽ کوجي ڪتي ذريعي پيرا کنيا ويا ته پير مبينا طور اغوا ٿيل ڳوٺاڻي محمد پناھ مهر جي اباڻي ڳوٺ ٿانهريو ۾ ثناءُ الله مهر جي گهر ۾ داخل ٿيا جتان جوابدار فرار ٿي ويو پوليس شڪي جوابدار جي گهر واري سميت ٻن عورتن کي گرفتار ڪري کڻي وئي  هوڏانهن ساڳئي رات دير سان دائم ملڪ ٿاڻي جي ڳوٺ ڪريم بخش ملڪ واسي ٻن نوجوانن ميران بخش ملڪ ۽ مختيار احمد ملڪ پڻ مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن جنهن جي ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي وارث دائم ملڪ ٿاڻي تي پهچي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي  هڪ رات ۾ ٽن ڄڻن جي گم ٿيڻ ڪري علائقي ۾ خو پکڙجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.