لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب جي 141 قومي تڪن مان ن ليگ مشڪل سان 80 تڪن تي ڪاميابي ماڻي سگهندي، لاهور جي 14 تڪن مان ن ليگ اٽڪل 8 تڪن تي ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي، جڏهن ته 6 تڪن تي پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، پيپلز پارٽيءَ کي مقابلي کان ٻاهر ڏيکاريو ويو آهي. مختلف ادارن جي تازي ڪيل سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ته پي ٽي آءِ جو ووٽ اڃان به موجود آهي،نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سان مصيبت اها آهي ته مراد سعيد، ميان اسلم اقبال، علي امين گنڊاپور ، مسرت چيمه، جمشيد چيمه، اعظم سواتي، زبير نيازي، حماد اظهر ۽ وقاص سميت 18 اڳواڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿي ويا آهن. ان ڪري پي ٽي آءِ کي اميدوار ملڻ مشڪل ٿي ويا آهن، جڏهن ته ور چوئل جلسي کانپوءِ اٽڪل 25 اڳوڻن پي ٽي آءِ ايم پي ايز آزاد حيثيت ۾ چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مطلب ته ڪو به اميدوار پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته ليا، ڀڪڙ، تونسا، رحيم يار خان،بهاول پور، وهاڙي، لوڌران، مظفر ڳڙهه، راجن پور ۽ ٻين علائقن مان ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ ٽڪيٽ تي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻنيدڙن آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن ۾ خسرو بختيار،خواجا شيراز، احمد خان لغاري، طاهر خان، سميع گيلاني، قاسم نون، احمد حسين ڊار ۽ ٻيا شامل آهن، ان جو مطلب اهو آهي ته ايندڙ حڪومت آزاد ميمبرن جي مدد سان ٺهندي.