گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي شاھنواز شر ڳوٺ ۾ صفوران ٽائون ۽ يوسي 3 جي انتظاميا جي نااھليءَ سبب پيرسن کليل گٽر ۾ ڪري زخمي ٿي پيو، اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو، شاھنواز شر ڳوٺ ۾ صفوران ٽائون انتظاميا ۽ يوسي 3 جي چيئرمين جي نااھلي جي ڪري کليل گٽر ۾ 75 سالن جو پيرسن علي گوھر سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي علاج لاءِ اسپتال ڏانھن نيو ويو، پيرسن زخمن جا سور نـ سھندي فوت ٿي ويو، سنڌ سولنگي اتحاد سنڌ جي وائيس چيئرمين اياز سولنگي، يوسف سولنگي، رجب سولنگي، سراج سولنگي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ پيرسن علي گوھر سولنگي صفوران ٽائون ۽ يوسي انتظاميا جي نااھلي جي ڪري کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو جيڪو انتظامي نااھلي جو چٽو ثبوت آھي، نااھل چونڊيل نمائندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، کليل گٽرن مٿان ڍڪڻ نـ ھجڻ ۽ گٽر ۾ ڪرڻ سبب زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿيل پيرسن علي گوھر سولنگي بابت موقف معلوم ڪرڻ لاءِ صفوران ٽائون چيرمين راشد خاصخيلي ۽ سندس جي ڪوآرڊينيٽر بادشاھ چانڊيو سان فون تي رابطو ڪيو ويو پر ٽائون چيئرمين ۽ سندس ڪو آرڊينيٽر طرفان فون اٽينڊ نه ڪيو ويو.