نوشهروفيروز ڀرسان مڙس هٿان زال گهٽا ڏئي قتل

نوشهروفيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) نوشهروفيروز ڀرسان مڙس هٿان نوجوان زال گهٽا ڏئي قتل،  ڳوٺ مبارڪ ڏنگراج ۾ عورت کي مڙس  قتل ڪري ڇڏيو، مڙس عمير ٻاٽ پنھنجي زال صابرا کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو، ابڙان پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال نوشھرو فيروز منتقل ڪيو ويو، ناري جو لاش گھر پھچڻ تي قهرام مچي ويو، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته قاتل عمير ٻاٽ کي گرفتار ڪيو آهي، صابره جا وارث اڃا تائين نه پھتا آھن جيئن ئي ايندا ته مٿس ڪيس داخل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.