پٽ کي اهلڪارن قتل ڪيو، معافي لاءِ قرآن جا واسطا ڏين پيا: امڙ عدالت پهچي وئي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجدعلي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾شاھين فورس جي ٽن اھلڪارن پاران نوجوان کي گھر اڳيان گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،  مقتول جي امڙ انصاف لاءِ عدالت پھچي وئي، روئيندي رھي، جوابدار پوليس اھلڪارن کي سزائون ڏيارڻ جو مطالبو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پنھنجي وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، مقتول جي امڙ چيو ته عزيز ڀٽي ٿاڻي جي اھلڪارن نعمان ويو اپارٽمينٽ ۾ ڪارروائي ڪري منھنجي پٽ کي قتل ڪيو،جوابدار پوليس اھلڪارن جا وارث منھنجي سامھون چون ٿا ته غلطي ٿي وئي، وري عدالت ۾ چون ٿا ته ھو پوليس وارا آھن، مونکي قتل ڪيس معاف ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ جا واسطا ٿا ڏين، منھنجو ھڪڙو پٽ ھو جنھن کي ظلمن بيگناھ قتل ڪري ڇڏيو ، درخواستگذار وڌيڪ چيو ته منھنجو مڙس فالج جي اٽيڪ سبب بستري تي آھي، مان اڪيلي ڌڪا کائي کائي ٿڪجي پئي آھيان، منھنجي پٽ کي قتل ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.