نوازشريف جي ٿر جي ڪوئلي تي قبضي جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي:عاجز ڌامراهه

ڪراچي(رپورٽر) پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽريي عاجز ڌامراهه چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جا معاملا  پاڻ ڏسي، اميد آهي  ته اليڪشن صاف شفاف بڻائي ويندي، باقي سنڌ ۾ پ پ سان مقابلي لاءِ سياسي بيروزگار ڀلي گڏ ٿي وٺن سڀني کي شڪست ڏني ويندي، اهڙو اظهار هن ڪالهه بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پ پ اڳواڻن شهلا رضا، شڪيل چوڌري، فداحسين ڍڪڻ حنا ٽالپر ۽ مير عباس ٽالپر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪندو آهي ته مخالفن کي باهه لڳي ويندي آهي، اهو پ پ جو ڪارنامو آهي ته سنڌ ۾ يونيورسٽيون ڪاليج، مفت گمبٽ اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻين اسپتالن ۾ مفت علاج فراهم ڪيون پيا، درياهه تي پل هجي يا اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ سڀ پ پ وفاق جي سپورٽ بنا ٺاهيا، هن چيو ته ميان صاحب جي ٿر جي ڪوئلي تي قبضي جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي، هن چيو ته نگران سرڪار ڀاڻ جي اشو تي سنجيده نه آهي، پ پ پرامن احتجاج ڪري هارين جو ساٿ ڏنو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ قوم پرست پارٽيون ۽ اياز لطيف پليجو سنڌ جي معاشي قتل تي خاموش تماشائي ويٺا آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.