سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف مٺي ۾ عوامي تحريڪ جي بک هڙتال

مٺي (پ ر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين عسڪري ادارن ۽ ٻين ملڪن جي سرمائيدارن کي ڏيڻ ۽ ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ کي نيلام ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي مٺي طرفان ڪشمير چوڪ مٺي تي بک هڙتال ڪئي وئي، بک هڙتال جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، ضلعي صدر وڪيل ديوت راءِ، جنرل سيڪريٽري الله بچايو چارو، رحمنٰ نهڙيو، عمر بجير ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پي ڊي ايم سرڪار ۽ پيپلز پارٽي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي، پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا شروع ڪيا ويا، ان قبضاگيري ۾ هاڻِ تيزي آندي وئي آهي، هاڻ وري ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين تي زبردستي ڏنڍي جي زور تي قبضو ڪيو پيو وڃي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضو سنڌ جي وجود تي وار آهي، تمر جي ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.