عام چونڊون: سنڌ حڪومت پاران سموريون تياريون مڪمل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان سان نئين مقرر ٿيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله گڏجاڻي  ڪئي. گڏجاڻي ۾ ايندڙ عام چونڊن جي انتظامن بابت تفصيلي جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌايو ته اليڪشن پرامن نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اليڪشن پرامن ڪرائڻ لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله چيو ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي ڪيمرائون لڳائڻ کي يقيني بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.