اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ايندڙ عام چونڊن 2024ع ۾ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن طرفان سومر ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق 8 فيبروري 24ع تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ مجموعي طور تي 12 ڪروڙ 85 لک 85760 رجسٽرڊ ووٽرز آهن. مرد ووٽرن جو ڪل انگ 6 ڪروڙ 92 لک 63704 آهي، عورت ووٽرن جو انگ 5 ڪروڙ 93 لک 22056 آهي. اسلام آباد ۾ 10 لک 83029 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 32 لک 7896 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 69 لک 94769 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. ڪي پي ڪي ۾ 2 ڪروڙ 19 لک 28119 ووٽر ووٽ ڏيندا. بلوچستان ۾ 53 لک 71947 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.