اميدوارن کي نامزدگي ڪاغذ اڄ جاري ڪيا ويندا

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊ 24ع لاءِ اميدوارن کي نامزدگي ڪاغذ (اڄ) اڱاري کان جاري ڪيا ويندا جيڪي اربع کان جمع ڪرائي  سگهبا. قومي اسيمبلي جي نامزدگي ڪاغذن سان سيڪيورٽي فيس 30 هزار رپيا جڏهن ته صوبائي اسيمبلي لاءِ 20 هزار رپيا جمع ڪرائڻا پوندا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊيول مطابق چونڊ عملي جي ٽريننگ جي پڄاڻي (اڄ) اڱاري تي ٿيندي جڏهن ته ان ئي ڏينهن ريٽرننگ آفيسرن طرفان پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويندو. اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 20 کان 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگهبا جن جي شروعاتي فهرست 23 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي. ريٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذ جي جاچ پڙتال 24 کان 30 ڊسمبر تائين ٿيندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ رد يا منظور ڪرڻ خلاف اپيلون 3 جنوري 24ع تي داخل ڪري سگهبيون جن تي اپيليٽ ٽريبيونل طرفان فيصلا 10 جنوري تائين ڪيا ويندا. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذ 12 جنوري تي واپس وٺي سگهبا جڏهن ته ان ئي ڏينهن اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست جاري ڪئي ويندي. اميدوارن کي چونڊ نشانن جي الاٽمنٽ 13 جنوري تي ڪئي ويندي جڏهن ته پولنگ 8 فيبروري 24ع تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.