لکي غلام شاهه(ن ع آ) چڪ ڀرسان ڳوٺ يارمحمد بروهي واسي نوجوان منصور علي پٽ عبدالرحمان بروهي ٻن ڏينهن کان لاپتا وارثن پاران ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي چڪ پوليس کي اطلاع ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي، وارثن عبدالرحمان بروهي، مولابخش بروهي، امداد علي بروهي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته نوجوان منصور بروهي ڇنڇر واري رات جو چڪ شهر ۾ ٻن دوستن سان گڏ هو ان بعد ان جو ڪوئي پتو نه پيو آهي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان کي اپيل آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.