سرفراز بگٽي اسٽيبلشمينٽ جي رضامندي سان پ پ ۾ شامل ٿيو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي عمر چيما چيو آهي ته  اطلاع آهن ته سرفراز بگٽي جي پ پ ۾ شموليت سندس پنهنجو فيصلو نه  پر ”مرضي“ وارن جي مرضي آهي، شروع ۾ اهو هو ته بلوچستان پ پ وارن ڏانهن وڃي رهيو آهي،پر پلان تبديل ٿيندا رهندا آهن،  بلوچستان عوامي پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ نواز ليگ ته ڪجهه پ پ ۾ وڃي رهيا آهن، آبپاره پلان تحت بلوچستان ۾ ڪجهه تڪ پ پ کي ڏنا پيا وڃن، سينئر صحافي عمر چيما چيو ته مڪران ڊويزن پ پ کي ملندي، ڊيرامراد جمالي ن ليگ کي ملندو،اعزاز سيد چيو ته سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته پ پ وارا هن جي گهڻو پويان پيل آهن، ان ڪري ان پارٽي ڏانهن لاڙو آهي، ن ليگ جي حڪومت اچڻ واري هوندي آهي ته انهن جي ڪنڌ ۾ سريو اچي وڃي ٿو،سرفراز بگٽي جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا آهن، سندس پ پ ۾ شموليت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اين او سي به شامل آهي،هن چيو ته  آصف زرداري سرفراز بگٽي کي گهڻي عزت ڏني آهي، بلوچستان ۾ پ پ ڪم بيڪ ڪيو آهي، روئي جي لحاظ کان ماڻهو پ پ کي پسند ڪن ٿا، صادق سنجراڻي ۽ قدوس بزنجو جي سربراهي ۾ باپ جا ماڻهو پ پ ڏانهن وڃي رهيا آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.