سرفراز بگٽي پ پ ۾ شامل، قوم پرست سياست جي پڄاڻي جي دعويٰ

تربت(م ڊ)  اڳوڻو نگران گهرو وزير مير سرفراز بگٽي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. اڳوڻو صدر آصف زرداري تربت ۾ سرفراز بگٽي جي شريڪ  چيئرمين پيپلز پارٽي ۾ شموليت تي پارٽي جي جهنڊي سان مفلر پهريل هو. ورڪرز ڪنوينشن ۾ مير سرفراز بگٽي جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪئي وئي. ان حوالي سان سرفراز بگٽي چيو ته پ پ پ اڳواڻ آصف زرداري مون کي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو، اها ڳالهه اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان هن ڌرتي تي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهيان. پيپلز پارٽي 18هين ترميم ذريعي بلوچن کي حق ڏنا، قومپرستي جي سياست جي پڄاڻي تربت کان شروع ٿي رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا پاڪستان خلاف بيانيي کي چئلينج ڪندي، آصف زرداري جي قيادت ۾ بلوچستان جي خطي ۾ امن جو سج اڀرندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.