ويڙهه مان ڪجهه نه ملندو، سنڌ ۽ بلوچستان کي اسلام آباد سمجهيو ئي ناهي: آصف زرداري

تربت(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو پر ويڙهه سان ڪجهه به نه ٿيندو، اسلام آباد وارن بلوچستان کي سڃاتو ئي نه آهي، اسان بلوچستان جي مسئلن کان واقف آهيون. تربت ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب دوران آصف زرداري چيو ته  اسان بلوچستان کي امن، اسپتالون ۽ پاڻي به ڏينداسين، سموريون جماعتون اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿيون پر پيپلزپارٽي عوام لاءِ  اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿي. آصف زرداري چيو ته دنيا اسان کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان 40 سالن تائين افغانين جي مهمان نوازي ڪئي پر افغان اڄ به اسان کي پنهنجو سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته اسان بلوچستان کي اهڙي جاءِ تان پاڻي ڏينداسين جو ڀارت سميت ڪير به نه روڪي سگهندو، چين اسان جو پارٽنر هوندو. پر اسان لاءِ بلوچستان اڳ ۾ ۽ ٻيا صوبا پوءِ آهن. آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان کي پاڪستان نه سمجهيو ويو، مون کي پختونن نه چيو هو ته نالو ڏي پر مون کي خبر هئي ته اها انهن جي خواهش آهي، انهن کي نالو ڏيڻ تي فخر آهي، جيڪڏهن اهو ڏوهه آهي ته اسان وڌيڪ جيل ڪاٽينداسين. هن چيو ته چونڊن جو دور آهي ۽ سڀنين جي خواهش آهي ته اسان اقتدار ۾ اچون پر پ پ کي اقتدار ۾ اچڻ جي خواهش عوام جي خدمت لاءِ آهي، اسان تي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جو قرض آهي، اسان بلوچستان ۽ پاڪستان کي ٺاهينداسين، اسان لاءِ بلوچستان اڳ ۾ ۽ ٻيا صوبا پوءِ آهن. سندس چوڻ هو ته هتان جي نوجوانن کي وساريو ويو آهي، چاهيان ٿو ته اهي واپس اچن، اسان انهن جي خدمت ڪنداسين، ٻيا ملڪ انهن کي نٿا پالي سگهن، اسان پاڻ کي پاڻ هلائينداسين. آصف زرداري چيو ته اسان بلوچستان جي هر ضلعي ۾ تعليمي ادارا قائم ڪنداسين، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيون ٺاهينداسين، اسپتالون ٺاهينداسين ۽ اهو سڀ عوام جي طاقت جي زور سان ٿيندو، منهنجو ساٿ ڏيو، مان سڀني کي سنڀاليندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.