لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف کان بيٽ جو چونڊ نشان کسجندو نظر اچي رهيو آهي، ڇو ته اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ وڪيل علي ظفر اعتراف ڪيو آهي ته پارٽي چونڊ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪمشنر جي مقرري درست نه ٿي سگهي ڇو ته وقت تمام گهٽ هو. نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته مون کي نظر اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ عين وقت تي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي ڇو ته بيلٽ پيپر تي بيٽ جي نشان جو معاملو اينگهجي ويندو، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏيندي ته معاملو هاءِ ڪورٽ ويندو، اتان فيصلو اچڻ کانپوءِ وري معاملو سپريم ڪورٽ ويندو، مطلب ته مون کي بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان نظر نٿو اچي. جڏهن ته رڳو چونڊ جو مسئلو نه آهي. پي ٽي آءِ جا اميدوار به سرگرم نظر نٿا اچن ان ڪري بائيڪاٽ کانسواءِ پي ٽي آءِ وٽ ٻيو رستونظر نٿو اچي. جڏهن ته هر سطح تي ن ليگ کي اقتدار ۾ آڻڻ جون ڪوششون به جاري آهن.
 
			