لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي ور چوئل جلسي دوران انٽرنيٽ جي رفتار سست ڪرڻ جي حماقت نه ڪرڻ گهرجي ها. نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ورچوئل جلسي ۾ انهن هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جن جي اڪثريت پرڏيهه ۾ آهي يا ملڪ ۾ موجود انهن شرڪت ڪئي جيڪي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اهي ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرندا يا پرڏيهه ۾ ويٺل ووٽ ڏيڻ ايندا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا 50 هزار حامي اڊيالا جيل ٻاهران پر امن ڌرڻو هڻي ويهي رهن ته عمران خان کي قيد رکڻ مشڪل ٿي وڃي. ورچوئل جلسو ته اسان سوين صحافين به مانيٽر ڪيو پئي ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته اسان پي ٽي آءِ جا حامي يا ووٽر آهيون، ان ڪري ورچوئل جلسي جو چونڊن تي ڪو به اثر نه پوندو. جيستائين پي ٽي آءِ جا حامي گهرن مان ٻاهر نه نڪرندا تيستائين ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندا. اسان جي ادارن کي به ور چوئل جلسن کان گهٻرائڻ نه گهرجي ۽ نه ئي انٽرنيٽ جي رفتار سست ڪرڻ جي حماقت ڪرڻ گهرجي.