نواز شريف وزيراعظم نه پر ملڪ جو صدر ٿيندو ؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف ايندڙ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم نه پر ملڪ جو صدر ٿيندو، نامياري صحافي رضوان رضي جو چوڻ آهي ته سياسي  حلقن ۾ اها ڳالهه هلي رهي آهي ته نواز شريف تي مختلف حلقن جو دٻاءُ هو ته ملڪ جو ايندڙ صدر ٿئي پر نواز شريف راضي نه ٿي رهيو هو هاڻي اهو فارمولو بحث هيٺ  آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف هوندو، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير استحڪام پارٽي جو صدر عليم خان هوندو ۽ نواز شريف ملڪ جو صدر ٿيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. صحافي موجب سياسي حلقن ۾ هلندڙ بحث  رپورٽ ڪيو آهي، ڇو ته ان جي ڪٿان به تصديق نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي ايندڙ  جوڙجڪ سمجهه ۾ اچي ٿي، ڇو ته هڪ اهو اطلاع هو ته آصف زرداري کي  ٻيهر صدر ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ نواز شريف به راضي آهي، جڏهن ته جي يو آءِ  اڃان تائين دعويٰ ڪري رهي آهي ته ملڪ جو ايندڙ صدر مولانا فضل الرحمان هوندو، انتظار ڪرڻو پوندو ته ايندڙ حڪومت جي جوڙجڪ جو حقيقي ۽ اصل فارمولو ڪڏهن ٿو منظر تي اچي، في الحال ته مختلف افواهه هلي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.