ٽنڊومحمد خان ڀرسان ٽڪ ٽاڪر نينگر بدفعلي بعد بيدردي سان قتل، لاش جهنگ مان هٿ

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ڀرسان ٽڪ ٽاڪر نينگر بدفعلي بعد قتل، لاش جهنگ مان هٿ، ڳوٺ بجر خان ٽالپر ۾ وحشي جوابدارن 15 ورهين جي  ٽڪ ٽاڪر نينگر جنيد خاصخيلي کي  جهنگ ۾ وحشياڻي تشدد بعد نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ويا، لاش کي لاوارث حالت ۾ جهنگ ۾ ڏسي ڳوٺاڻن وارثن کي اطلاع ڪيو جنهن جي بعد وارثن لاش جي سڃاڻپ ڪري نينگر جي لاش کي پوليس سان گڏ اچي سرڪاري اسپتال ٽنڊو محمد خان مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ، پوليس پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، وارث لاش کي اسپتال مان پنهنجي ڳوٺ بجر خان ٽالپر کڻائي آيا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن واقعي بابت جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ، نينگر جي والد سلطان خاصخيلي ، والده مسمات عرفانه خاصخيلي دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي نينگر کي وحشين بدفعلي ڪرڻ جي بعد وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻائي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش کي ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، اسان جي نينگر جو قتل اسان لاءِ وڏو سانحو آهي، اسان جو معصوم نينگر ٽڪٽاڪر صرف پنهنجي ڳوٺ تائين محدود هو، پاڻ پورهيو به ڪندو هو، کيس بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي نينگر جي قتل جي انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين، نينگر جي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ گلي تي نشان هجڻ ۽ بدفعلي بابت خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد اصل حقيقت ظاهر ٿيندي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته اسان فريادي ڌر جي طرفان سندن مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪنداسين ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنياپيا وڃن.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان واقعي تي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ٽنڊو محمد خان: ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سيد سليم شاھ واقعي کانپوءِ ڊي ايس پي  ٽنڊو محمد خان ۽ ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو جي نگراني ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو نه وري پوليس ڪا گرفتاري ظاهر ڪئي آهي، نينگر جي بيدردي سان قتل واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

هانءُ ڏاريندڙ واقعو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي: سياسي سماجي اڳواڻ

ٽنڊو محمد خان: واقعي بابت علائقي جي سماج سڌارڪ سياسي سماجي ادبي تنظيمن  جي اڳواڻن ليکڪ تاريخدان مشڪور ڦلڪارو ، نوشاد ڀٽي ، شهري اتحاد جي نور حسن کوکر ۽ ٻين چيو آهي ته انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي 15 ورهين جي نينگر کي وحشي درندن پنهنجي حوس جو نشانو بڻائي بيدردي سان گهٽا ڏئي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، جنهن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.