ڪوئيٽا(م ڊ)جبري گمشدگين ۽ تربت ۾ سي ٽي ڊي هٿان نوجوان بالاچ بلوچ جي قتل خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران بلوچستان مان اسلام آباد ڏانهن ويندڙ بلوچن جي لانگ مارچ قافلي پنجاب جي شهر ڊيرا غازي خان ۾ ڌرڻو هنيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيستائين گرفتار ڪيل ماڻهن کي نٿو ڇڏيو وڃي ان وقت تائين اسان جو ڌرڻو ڊيرا غازي ۾ ئي جاري رهندو، مارچ جي آرگنائزر ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته گدائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو آهي،زبير آسڪاڻي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ماڻهن جو تعلق لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن سان ناهي، اهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي لانگ مارچ جي آجيان لاءِ گڏ ٿيا هئا، ٻن عورتن سميت 22 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گلزار دوست چيو ته بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن کي جعلي مقابلن ۾ مارڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، شهيد بالاچ بلوچ تي سي ٽي ڊي جيڪي الزام هنيا هئا اهي واپس ورتا وڃن، هوڏانهن حامد مير لکيو ته بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جا وارث تربت مان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪري رهيا آهن،ڊيرا غازي خان ۾ انهن سان گڏ شامل ٿيندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو، حيرت آهي ته پنهنجي پاڻ کي وفاقي پارٽيون ڪوٺرائيندڙ پ پ ،مسلم ليگ نواز ۽ تحريڪ انصاف انهن مظلوم بلوچن لاءِ آواز نٿيون اٿارين، بلوچ اڳواڻ سمي دين بلوچ لکيو آهي ته جڏهن حامد مير ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ بلوچ لانگ مارچ کي ٿوري جڳهه ڏئي سگهي ٿو ته باقي ميڊيا پرسنز جيڪڏهن مصلحت پسندي جو شڪار نه ٿين،سيلف سينسرشپ هٽائي ڇڏين ۽ اسان جي مارچ کي ڪور ڪن ته انهن جي به صحافتي ذميواري پوري ٿيندي ۽ اسان جي ڳالهه به ايوانن تائين پهچندي
گم ٿيلن جي وارثن مٿان ڪيس ٿي رهيا آهن:اختر مينگل

حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته بلوچستان اسان کي پيارو آهي، منهنجو والد 9 مهينا بلوچستان جو وڏو وزير رهيو، قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان ۽ بلوچن جا ڏک بيان ڪرڻ تي اسان کي گنهگار سمجهيو ويو، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بلوچستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندو پيو اچي، گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڪڏهن عدالتن جي اڳيان ته ڪڏهن رستن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، پنهنجي گم ٿيل پيارن جي لاءِ آواز اٿاريندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن جي مٿان ڪيس به داخل ڪيا پيا وڃن، ان عمل ۾ ملوث ٿيندڙن کي اهو حق حاصل آهي ته اهي جڏهن چاهين ته ڪنهن به اغوا ڪري سگهن ٿا، گذريل پندرنهن سالن کان بلوچستان جون مائرون، ڌيئرون، ڀينرون ۽ ڀائر، پٽ ڌيئرون پنهنجي والدين کي ڳولي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار اختر مينگل وائٽ هائوس بيلا ۾ مقامي صحافين جي پينل انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ڪيو، اختر مينگل چيو ته بلوچستان سي پيڪ ۽ گوادر کي اهميت ضرور حاصل آهي پر بلوچستان ۽ گوادر ۾ بلوچستان جي بلوچ قوم کي اهميت نٿي ڏني وڃي، ان حق تلفي ۽ ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ تي اسان ڳالهائيندا آهيون ته اسان کي مختلف لقبن سان نوازيو وڃي ٿو، هن چيو ته پارٽي جي بورڊ ميٽنگ بعد عام چونڊن متعلق اعلان ڪنداسين، انشاءَ الله بهتر فيصلو ڪنداسين ۽ لسبيله جي عوام کي مايوس نه ڪنداسين، لسبيله ۾ مٽيءَ جا دڙا عوام جي طاقت سان ختم ٿي ويندا.