اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 0.4 سيڪڙو رڪارڊ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. قومي انگن اکرن واري کاتي طرفان وڏين صنعتن جي پيداوار بابت جاري ماهوار رپورٽ مطابق جولاءِ کان آڪٽوبر تائين جي مُدي ۾ وڏين صنعتن جي پيداواري انڊيڪس 112.33 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 0.4 سيڪڙو گهٽ آهي.
پي ٽي آءِ جي نا انصافين خلاف وڙهندا رهنداسين: اڪبر ايس بابر
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اڪبر ايس بابر چيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊ آئيني حق آهي، انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بنا مقابلي عهديدار چونڊجندا ته عوام جا چونڊيل نمائندا سامهون نه ايندا، پي ٽي آءِ طرفان ڪيل نا انصافي خلاف وڙهندا رهنداسين. سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته مان پي ٽي آءِ جو ميمبر آهيان، اها ڳالهه عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ رڪارڊ تي موجود آهي