اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ ايئرپورٽس تي ججن ۽ سندن گهروارين جي جسماني تلاشي بابت خط تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ سيڪريٽري ايوي ايشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس کي خط لکي ڇڏيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ايوي ايشن کي به وضاحت لاءِ لکت ۾ خط جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته حيرت جي ڳالهه آهي ته 66 ڏينهن پراڻو خط تڏهن سامهون آيو جڏهن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سندس گهرواري ترڪيه دوري تي ويا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسز عيسيٰ جي جسماني تلاشي جي وڊيو رڪارڊنگ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته استثنيٰ نه گهري وئي،بيان ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس کي وي آءِ پي لائونج استعمال ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي پر هن انڪار ڪيو. چيف جسٽس جهاز تائين لگزري ليموزين جي استعمال کان به انڪار ڪري ڇڏيو.